سنجهورو (ن پ ا) ديا ڀيل قتل ڪيس، 4 جوابدار عدالت پيش، وڌيڪ هڪ ڏينهن جو رمانڊ، سنجهورو پوليس ديا ڀيل قتل ڪيس ۾ دھشتگردي ثابت نه ڪري سگهي، مطمئن نه aڪرڻ تي عدالت پاران ڪيس مان دهشتگردي جا قلم ختم، انويسٽيگيشن آفيسر واپس، ڪيس هاڻي عام عدالت ۾ هلندو، پوليس چالان به پيش نه ڪري سگهي،  خبر موجب سنجهورو پوليس ديا ڀيل قتل ڪيس ۾ نامزد 4 جوابدارن ڀوپو روپو ڀيل، ڀوپو لوڻيو ڀيل، ديا جي ڀاءُ ڏيارام عرف ڏيراج ۽ ساجن ڀيل جو 7 ڏينهن جو جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ تي کين ٻيهر نوابشاهه جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت ڪيس بابت انويسٽيگيشن آفيسر کان سوال ڪيا، جنهن تي هن عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ديا ڀيل قتل پيار ۾ بيوفائي ۽ ذاتي دشمني سبب ٿيو آھي، جنهن تي جج چيو ته پيار ۾ بيوفائي يا ذاتي دشمني تي ته دهشتگردي  جو قلم لاڳو نٿو ٿئي، ايف آءِ آر ۾ شامل دهشتگردي جي قلم 6/7 ATA بابت آءِ او طرفان مطمئن نه ڪرڻ تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج محمد بخش ڀنگوار ڪيس مان دهشتگردي جا قلم ختم ڪري جوابدارن جو هڪ ڏينهن جو رمانڊ منظور ڪندي انويسٽيگيشن آفيسر  کي واپس ڪري ڇڏيو، ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم ختم ٿيڻ کانپوءِ ديا ڀيل قتل ڪيس جو انويسٽيگيشن آفيسر جوابدارن جي هڪ ڏينهن جي رمانڊ پوري ٿيڻ کانپوءِ کين ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سانگهڙ جي عدالت ۾ پيش ڪندو، جتي هاڻي وڌيڪ ڪيس جي ڪارروائي هلندي، ديا ڀيل قتل ڪيس جي اڃا تائين حتمي چالان پيش نه ڪرڻ جي حوالي سان انويسٽيگيشن آفيسر ايس ايچ او سنجهورو اسحاق سنگراسي جو چوڻ ھو ته قتل ڪيس جي جاچ مهينو هلندي آھي، جڏهن ته اڃا اسان کي پوسٽ مارٽم رپورٽ به نه ملي آھي ۽ نه ئي وري ڊي اين اي رپورٽ ملي آهي، ڄاڻايل ٻنهي رپورٽس ملڻ کانپوءِ ڪيس جو حتمي چالان پيش ڪيو ويندو.