ديا ڀيل جو معاملو، عورتن کي تحفظ ڪڏھن ملندو !؟

0
130
ديا ڀيل جو معاملو، عورتن کي تحفظ ڪڏھن ملندو !؟

 صدين کان سنڌ ۾ عورتن سان جيڪو ورتاءُ جاري آھي. اھو ھن وقت ھاڻي ناقابل برداشت ٿي چڪو آھي. ڳالهھ قبيلن، برادرين جي ھجي يا قوميت جي پر ھر طرف کان سنڌ ۾ عورتون ڪنھن به طرح ڪٿي به محفوظ ناھن رھيون. ڪڏھن ڪٿي ته ڪڏھن ڪٿي سنڌ ۾ ھر وقت زھر جون گوريون عورتن کي ئي کائڻيون پون ٿيون جيڪا وڏي افسوس جي ڳالھه آهي! ستم ظرفي اھا جو جنسي حراسمينٽ جا واقعا ھجن، عورتن جي ذاتي خواھشن ۽ احساسن جو قتل يعني کين زبردستي پرڻائڻ جو مسئلو ھجي، ڪارو ڪاري جون ڪڌيون رسمون ھجن يا کڻي گھرو اڻبڻت جا معمولي ۽ خصيص مسئلا ھجن ھر وقت ۾ سنڌ جون ڪيتريون عورتون گولين جو کاڄ بڻيون آھن ساڳيو سلسلو تيزي سان اڃان به جاري ۽ ساري آھي. سندن احساس باھه جي کوري جيان ساڙيا وڃن ٿا کين جانورن جيان جسماني طور استعمال ڪري کين تذليل جو نشانو بڻايو وڃي ٿو! سوچڻ جھڙي ڳالھه آھي دنيا وڃي چنڊ تي پھتي آھي پر اسان وٽ عورتن کي ڪوبه تحفظ ناھي ملي سگھيو! عورتون ڊڄي ساھه کڻن ٿيون. ھينئر جيڪو ( ديا ڀيل) جو واقعو سامھون آيو آھي. تنھن سڀني جا لڱ ئي ڪانڊاري ڇڏيا آھن. جڏھن ڪنھن نقصانڪار جانور کي ماريو ويندو آھي تڏھن انھن جو به صرف ساھه قبض ڪيو وينديو آھي پر ھي ديا ڀيل جو سامھون آيل واقعو  آهي جيڪو ڏسي اکيون رت جا ڳوڙھا روئين ٿيون. جنھن جو ساھه قبض ڪرڻ کانپوءِ به ساڻس دشمني رکي سندس جسم تان کلون لاھي سندس عضوا ئي ڌار ڪيا ويا ان کان وڌيڪ ڪا ٻي حيوانيت ٿي سگھي ٿي؟ ڇا اهي انسان چورائڻ جي لائق آهن  جو ڪنھن مرده شيءَ تان کلون ۽ ماس پٽي وٺندا هجن. تنھن ڪري انھن ۽ خونخوار جانورن   ۾ باقي ڪھڙو فرق رھي ٿو؟ ماڻھن جي روپ ۾ جانورن کان به بدتر، بي قياس ۽ ظالم، قاتلن اڳيان جديد ۽ ترقي يافته دؤر ۾ به عورت مظلوم رھجي وئي آھي! ان جا ٻيا ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگھن ٿا پر ھڪ اھم مسئلو اھو به آھي ته پنجن ڏھن سالن دؤران جائزو وٺجي ۽ سنڌ ۾  عورتن جي معاملن تي سنجيدگي سان سوچجي ته جتي جتي به  گھرو مسئلن کان ويندي ڪارو ڪاري حراسمينٽ ۾  جيڪي به عورتون ماڻھو جي روپ ۾ وحشي بگھڙن جو کاڄ ٿيون آھن تن مان ھيل تائين ڪنھن ھڪ مرد کي ڦاھي نه اچي سگھي آھي. ڪنھن ھڪ ظالم مرد کي ڪا عمر قيد سزا اچي سگھي آهي؟  عورتن سان ايڏي بيواجبي بيدردي ڇو؟بي قياسي بيقدري ڇو؟ انسان حقن جون تنظيم به خبر ناھي ڪيڏانھن لڏپلاڻ ڪري ھليون ويون آھن جو ملڪي سطح تي سنڌ جي عورتن جي نمائندگي نه ٿيڻ جوڳي نظر اچي پئي. حڪومتي حوالي سان به ڪو به تدارڪ ناھي ٿي سگھيو جنھن ڪري سنڌ ۾ عورتن جا قتل روز جو قصو بڻجي گھٽجڻ بجاءِ ڏينھون ڏينھن زور وٺندا رھن ٿا ڪا پڪ ناھي اڃا ڪيتريون ديا ڀيل جھڙين عورتن کي چيڀاٽي موت ڀيڙو ڪيو ويندو. ھي واقعو انتھائي ڊيڄاريندڙ ۽ ڀيانڪ  آھي. ڇو جو ٻڌايو وڃي پيو ته ھن واقعي ۾ ملوث ھڪ ديا جو پٽ به ٻڌايو وڃي پيو. مطلب ته عورتون گھرن ۾ به محفوظ ناھن نتيجن کي ڏسندي ڏسندي عورتون ويچاريون گھرو معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ توڙي جائز راءِ اظھار کان به ڊڄنديون رھن ٿيون. ڪوئي آھي ڪونه!  جيڪو سنڌ جي نياڻين کي مٿي تي پوتي پارائي سندن احترام ڪري سندن خواھشن ۽ ذاتي رازن جو خيال رکي سگھي! ملڪي سڀئي پارٽيون ۽ اقتدار ڌڻي سياسي ڄنڊا پٽ ۾ مشغول  آھن پر، ھن معاملي کي ڪوبه سيريس وٺڻ جي لاءِ تيار ناھي. آئون سمجھان ٿي ته ھي سڀ ڪجھه حڪومتي وس جي ڳالهھ آھي، حڪومت وٽ  ڪا به بيوسي  نه آهي جو چئجي ته حڪومت جي مجبوري آھي. سنڌ جا سمورا سلجھيل مرد ۽ عورتون چڱي ريت ڄاڻن ٿا  جيڪي اھو  چوڻ تي مجبور آھن ته جيستائين  ھھڙن معاملن تي حڪومت پنھنجو مڪمل اختيار استعمال نه ٿي ڪري تيستائين اھڙيون ڪيتريون ئي ديا سرعام ڪسجنديون، مارجنديون رھنديون ۽ پوءِ نه وسارجي ته قيامت جي وقت رب جي اڳيان نه صرف اھي حقيقي ڏوھي، قاتل، ظالم جوابدار ھوندا پر انھن سان گڏ اھي به ضرور جوابدار رھندا جيڪي سڀ ڪجهه  وس ۾ ھوندي به لنوائيندا رھيا، سڀ ڪجھه ڏسڻ باوجود به دنيا ۾ اکيون بند ڪري نياڻين جو تدارڪ ازالو نه ڪري سگھيا! تنھن ڪري  ھن اھم اشو تي  سنڌ بلڪه پوري ملڪ ۾ انساني حقن خاص طور تي ٻارڙن ۽ عورتن تي ڪم ڪندڙ  اين جي اوز ۽ ٻين ادارن کي به وڌ کان وڌ سنڌ ۾ عورتن کي حڪومتي بنيادن تي تحفظ فراھم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ گھرجن.