سنجهورو (رپورٽ: انيس لغاري) ديا ڀيل قتل ڪيس ۾ سندس ڀاءُ ڏيارام عرف ڏيراج ۽ ڏير جي پٽ ساجن ڀيل کي جوابدارa نامزد ڪرڻ تي ديا ڀيل جي وارثن احتجاج ڪيو، ديا ڀيل جي والد ٻڍو ڀيل، سندس والدهه، ڀينرن دافو، ڏيراج ڀيل جي گهرواري سدوري، شنڪر ڀيل ۽ ڀوري ٽائيم نيوز آڏو دانهيندي چيو ته پوليس بنا ڪنهن ثبوت ۽ سندن قبوليت جي ديا جي ڏير جي پٽ ۽ ڀاءُ کي قتل ۾ جوابدار نامزد ڪري اسان سان ظلم ڪيو آھي، هنن چيو ته پوليس معاملي کي ليئه مٽي ڪرڻ لاءِ ديا جي ڀاءُ ڏيراج ۽ سندس ڏير جي پٽ ساجن ڀيل کي نامزد ڪيو، وارثن جو چوڻ ھو ته کين گذريل 10 ڏينهن کان پوليس کين ديا ڀيل جو قتل تسليم ڪرائڻ لاءِ لاڳيتو  تشدد جو نشانو بڻائي رهي آھي، هنن مطالبو ڪيو ته ڏيراج ڀيل ۽ ساجن ڀيل کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي.