سنجهورو: ديا ڀيل جي 13 سالن جي ڀاڻيجي راجا چيو آهي ته پوليس وحشياڻو تشدد ڪري بجلي جا ڪرنٽ ڏنا ۽ چيو ته تون اقرار ڪر ته ديا کي قتل ڪيو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪالهه شام جو پوليس ٿاڻي تي وٺي وئي، جتي ٻن اهلڪارن شلوار لاهي سخت تشدد ڪيو، جنهن ڪري منهنجي ڪنن مان رت وهڻ لڳو، نينگر ٻڌايو ته پوليس بجلي جا ڪرنٽ پڻ ڏنا، هن چيو ته پوليس چئي رهي هئي ته ديا کي تون قتل ڪيو آهي، ان جو اقرار ڪر، نينگر جو چوڻ هو ته زمين تي سمهاري سخت تشدد ڪيو ويو جنهن ڪري بيحال ٿي ويس، هن چيو ته ڪير پنهنجي سڳي ماسي کي ايئن بيدردي سان قتل ڪري سگهي ٿو، پوليس هرو ڀرو دٻاءُ وجهي پنهنجي جان ڇڏائڻ چاهي ٿي.