سنجهورو (خاص عيوضي) سنجهورو پوليس 3 ڏينهن گذرڻ باوجود بيدردي سان قتل ڪيل ديا ڀيل جي قاتلن جو سراغ نه لڳائي سگهي، جي آءِ ٽي به ڪا اڳڀرائي نه ڪئي، پوليس جاچ جو دائرو ديا جي خاندان تائين محدود، پڇا ڳڇا جاري، اڄ ٻيهر کوجي ڪتا گهرايا ويندا، خبر موجب پوليس 3 ڏينهن گذرڻ باوجود بيدردي سان قتل ڪيل ديا ڀيل جي قاتلن جو سراغ نه لڳائي سگهي، پوليس ٽيم ڪالهه به واقعي واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو، جنهن دوران پوليس کي سرنهن جي فصل مان ديا جي پوتي ۽ ڏاٽو هٿ آيو، هوڏانهن ديا ڀيل جي وارثن ۽ مائٽن کان پڇا ڳاڇا جو سلسلو جاري آهي، ان حوالي سان پوليس ديا ڀيل جي ننڍي ڀيڻ دافو زال ڏيارام ڀيل ۽ 13 ورهين جي ڀاڻيجي راجا پٽ ڏيارام کي سنجهوري ٿاڻي تي 5 ڪلاڪ ويهاري پڇا ڳاڇا ڪئي، جڏهن ته ان کان اڳ ۾ ديا ڀيل جي پٽ سومر چند ۽ نينگري مينا ڀيل کي پڻ حراست ۾ وٺي جاچ ڪئي ۽ بعد ۾ ڇڏي ڏنو، جڏهن ته ديا جو ڀاءُ ڏيراج، ان جا ٻه پٽ ڪرشن ۽ ساجن، ديا جو ڏير شنڪر ڀيل، ڀيڻيوو وزير ڀيل شڪ جي بنياد تي اڳ ئي ٻن ڏينهن کان گرفتار آھن، ايس ايس پي سانگهڙ توڙي جي آءِ ٽي جي سموري جاچ جو مرڪز مقتول عورت جو خاندان آھي، ان حوالي سان گرفتار خاندان جي ماڻهن کان ڊي اين اي جا نمونا پڻ ورتا ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ سمورن  ڳوٺ وارن جا ڊي اين اي سيمپل ورتا ويندا، ڪيس جي جاچ ڪندڙ ايس ايچ او غلام شبير دلواڻي ٻڌايو ته هڪ اهم رڪوري ٿي آھي ته سرنهن جي فصل مان ديا ڀيل جي پوتي ۽ ڏاٽو هٿ آيو، جنهن سان قاتلن تائين رسائي ۾ مدد ملندي، جڏهن ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ لاش هٿ اچڻ واري علائقي جي ڪرايل جيئو فينسنگ رپورٽ به اچي ويندي، جنهن سان واقعي واري هنڌ موجود ماڻھن جو اندازو ٿي سگهندو، هن چيو ته اڄ ٻيهر کوجي ڪتا گهرائي سرچ ڪيو ويندو.