دوڙ (ن پ ا) دوڙ شهر لڳ درگاھ مٺو فقير وساڻ وٽان سم نالي مان نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو،  لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، ان حوالي سان پوليس موجب ته لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، فوتي جي عمر 30 کان 35 سال لڳي رهي آهي، کيس مٿي ۾ ڌڪ لڳل آهن، سندس هٿن پيرن کي رنگ جا نشان آهن.