دولتپور صفن/مورو (نمائندن وٽان) دولتپور صفن ۾ پسند جي شادي جي پلاند ۾ گهر تي حملو، 3 عورتون ۽ 9 ٻار مبينا اغوا بعد بازياب، الزام هيٺ آيل 2 ڄڻا گرفتار، ناري جي وارثن جو چوڻ آهي ته ميڙ کڻي آيل عورتن کي گهر ڇڏڻ وياسين ته اغوا جو ڊرامو رچايو ويو، خبر موجب شهر جي ھاشم ٽائون ۾ عبدالرشيد شاهه جي گھر تي ھٿياربندن گهڙي گھر ڀاتين کي يرغمال بڻائي 9 معصوم ٻارڙن ۽ 3 عورتن کي اغوا ڪري ورتو، هٿياربندن جي ڪارروائي کان مقامي پوليس بي خبر رهي، ان سلسلي ۾ گهر ڌڻي سجاد شاهه، شيريال شاهه ۽ رضوان شاهه ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته سجاد ڪلھوڙو ۽ ايوب ڪلھوڙو جن جي ناري ياسمين پنھنجي رضا خوشي سان اسان جي نوجوان ارسلان عرف ببل شاھ سان پسند جي شادي ڪئي ھئي، جنھن بعد راڄوڻي وسيلي ناري وارثن کي واپس ڏياري هئي، بعد ۾ ناري گھران نڪري گم ٿي وئي آهي، جنھن جو الزام ٻيھر اسان جي نوجوان تي هنيو پيو وڃي، هنن چيو ته پلاند ۾ 10 کان وڌيڪ ھٿياربندن گھر تي چڙهائي ڪري 9 معصوم ٻارڙن ۽ 3 عورتن کي اغوا ڪيو، هنن چيو ته اطلاع باوجود پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، جڏهن ته اغوا واقعي جي خبر ٽائيم نيوز تي هلڻ کان پوءِ پوليس حرڪت ۾ اچي وئي ۽ مبينا اغوا جي الزام هيٺ آيل مورو واسي سجاد ڪلھوڙو ۽ دلاور ڪلھوڙو کي گرفتار ڪري سمورن مغوين کي بازياب ڪرايو، هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته الزام ھيٺ آيل ڪسٽڊي ۾ آھن، وڌيڪ جاچ جاري آهي، ٻئي پاسي ناري ياسمين جي والد محمد ايوب ۽ امڙ حميده مورو ۾ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته نوجوان جا مائٽ اسان وٽ نياڻيون ۽ ٻار ميڙ ڪري آيا هئا، جن کي اسان بحفاظت گهر ڇڏڻ وياسين ته هنن اغوا جو ڪوڙو ڊرامو رچائي اسان جي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪرائي ڇڏيو، هنن چيو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته 2 ڄڻا 12 ڄڻن کي اغوا ڪري وڃن، هنن مطالبو ڪيو ته اغوا معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي ڪوڙو ڊرامو رچائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،