دولتپور صفن (ن پ ا) بلدياتي اليڪشن ويجھو ايندي ئي ان جا اثر سامھون اچڻ لڳا آھن پاڪستان تحريڪ انصاف جي سٽي دولتپور جي اميدوار وارڊ نمبر 3 تي پي ٽي آئي اُميدوار غلام مصطفا اُنڙ جي گھر تي مبينا حملو ڌمڪيون ،پريشر ڏئي ھٿ کڻڻ لاءِ داٻن ۽ ڌمڪين وارو معاملو سامھون آيو آهي جتي پي ٽي آئي لیبر ونگ جي اڳوڻي مرڪزي چيف آگنائيزر خادم حسين اُنڙ سان گڏجي وارڊ نمبر 3 تي بيٺل پي ٽي آئي اميدوار غلام مصطفي انڙ دانهيندي مبينا الزام ھڻندي چيو آھي ت مخالف ڌر جي اڳواڻن پاران مونکي ھٿ کڻڻ جي لاء ڌمڪيون ڏئي چيو پيو وڃي ته ھٿ کڻ ن ت توکي جاني مالي نقصان رسايو ويندو ھن چيو  ت ھر ڪنھن کي حق آھي ت ھو اليڪشن لڙي سگھي ٿو ھن چيو ت ھاڻ مونکي پنهنجي گھر ڀاتين سميت ۽ خود کي جان جو خطرو آهي اگر اسان کي ڪجھ ب ٿيو ت ان جا ذميوار مخالف ڌر جا ماڻهو رھندا ھن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سميت اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته مونکي تحفظ ڏئي اليڪشن لڙڻ جو حق ڏئي موت مار ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي