دولتپورصفن (ن پ ا) دولتپور صفن ويجهو علي آباد ٿاڻي جي حد ڪريم آباد ۾ 2 ڏينهن اڳ  گھر ۾ گئس پائپ لائين ڌماڪي سبب زخمي ٿيل ڪلثوم زال ھيبت خان کوکر دم ڏئي ڇڏيو، عورت جي لاش کي دولتپور صفن اسپتال پوسٽ مارٽم لاءِ آندو ويو، جتي فوتي عورت جي ڀائرن محمد عباس، شمن واگھرو ۽ ٻين اسپتال اڳيان احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته اسان جي ڀيڻ کي مڙس ۽ ساهرن باهه ڏئي ماريو آهي، اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي، ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيوو ڃي، ٻي طرف فوتي عورت جي مڙس ھيبت خان کوکرٻڌايو ته سان باھ ڏئي ساڙڻ وارا الزام ڪوڙا آهن، باھ واري واقعي وقت زال جي سڳي ۽ وڏي ڀيڻ ڪوثر بي بي اتي گھر ۾ موجود ھئي،جڏھن ته پوسٽ مارٽم وقت اسپتال ۾ ٻنھي ڌرين ۾ جهيڙي واري صورتحال پيدا ٿي وئي پر پوليس وچ ۾ اچي ٻنھي ڌرين کي جھيڙي کان بچائي ورتو.