دولتپور صفن ويجھو ناري مبينا طور اغوا، ويڳي ماءُ سوڌو 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل

0
425
دولتپور صفن ويجھو ناري

دولتپور صفن (رپورٽر) دولتپور صفن ۾ ناري مبينا طور اغوا ٿي وئي آھي، سندس ويڳي ماءُ سميت 3 ڄڻن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي

دولتپور صفن جي پٻجو ٿاڻي تي  ناري جي اغوا جو سندس ويڳي ماءُ  سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي

ڳوٺ دينو مشين واسي فدا حسين  اوٺو پنهنجي ڌيءَ ثناءَ جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو، ڪيس ۾ ناري جو ويڳو ڀاءُ علي ڀٽو  عرف اوٺو، سندس امڙ امينا ۽ هڪ اڻڄاتل جوابدار نامزد ڪيو ويو آھي

فريادي موجب 18سيپٽمبر تي منهنجي پهرين گهرواري پٽ ۽ هڪ اڻڄاتل جوابدار سميت ڌيءَ کي اغوا ڪري وئي آھي

فدا حسين اوٺو موجب ملڪيت جي تڪرار تان ڌيءَ کي  اغوا ڪيو ويو، کيس بازياب  ڪرايو وڃي

ھي به پڙھندا

فيض گنج: مبينا طور ناري اغوا، ڌرين ۾ فائرنگ