دولتپورصفن (ن پ ا) دولتپورصفن ۾ قومي شاهراهه تي ٽرالر ۽ لوڊر رڪشا ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ صفن واسي محمد رمضان عرف پوڙهو ملاح ۽ وسيم ملاح سخت زخمي ٿي پيا، جن کي نوابشاهه اسپتال نيو ويو پئي ويو ته هڪ ڄڻي محمد رمضان عرف پوڙهو ملاح زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ دم ڏنو، جڏهن ته وسيم ملاح کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، فوتي نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر آندو ويو ته روڄ راڙو پئجي ويو.