دولتپورصفن (ن پ ا) دولتپور صفن ويجهو ڳوٺ ننگر مڪان واسي معذور شخص 3 ٻارڙن جو پيءُ بلاول نيشنل پريس ڪلب پهچي دانهيندي چيو ته آئون غريب آهيان، النور ايم ڊي ايف ۾ مزدوري ڪندڙ ھيس، جتي 15 سال اڳ مل ۾ مزدوري دوران منھنجي ھڪ ٽنگ ڪٽجي وئي هئي، جنهن جو آپريشن به مل انتظاميا طرفان ڪرايو ويو ھو، جنھن بعد مونکي مل انتظاميا پاران ھر مھيني 4 ھزار رپيا وظيفو ڏنو ويندو هو، هن چيو ته هاڻ 4 ھزار رپين واري وظيفي مان گھر جو گاڏو نٿو ھلي، برساتن سبب گھر به ڊھي پيو آهي، بکون ڪاٽي رهيا آهيون، نوٽيس وٺي وظيفي ۾ واڌ ڪري مالي سهائتا ڪئي وڃي.