دوست چاهيندا ته اتحاد ختم ڪري فنڪشل ليگ ميدان ۾ آڻينداسين: پير پاڳارو

0
381
حرن جي روحاني پيشوا
دوست چاهيندا ته اتحاد ختم ڪري فنڪشل ليگ ميدان ۾ آڻينداسين: پير پاڳارو

ڪراچي(رپورٽ: دودو چانڊيو) حرن جي روحاني پيشوا ۽ جي ڊي اي  جي سربراهه پير پاڳاري جي ڊي اي ۾ شامل سمورين ڌرين کي کليل آڇ ڪئي آهي ته جيڪڏهن اهي جي ڊي اي کان ڌار ٿيڻ چاهين ٿا ته ڀلي ٿين، اسان فنڪشنل ليگ کي ٻيهر ميدان ۾ آڻينداسين.

آئون جي ڊي اي ۾ شامل سمورين ڌرين سان گڏ آهيان، جيستائين اهي گڏ هلي سگھن، ان وقت تائين گڏ هلندس. مون کي انهي اتحاد مان نه ڪو نقصان آهي ۽ نه ئي وري ڪو فائدو آهي، اسان گڏ نه هونداسين ته مارڪيٽ ۾ لومڙيون ۽ گدڙ اسان کي ڪچو کائي ويندا. اسان بچيل رڳو ان ڪري آهيون، جو اسين گڏ آهيون.

هن اهڙي آڇ جي ڊي  اي جي مرڪزي اجلاس دوران پنهنجن اتحادين کي ڏني. ڪنگري هائوس ۾ ٿيل انهي اهم اجلاس ۾ پير صدر الدين شاهه راشدي، سيد غوث علي شاهه، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، علي گوهر مهر، ڊاڪٽر صفدر عباسي، مولانا راشد محمود سومرو، سيد اسماعيل شاهه، رئيس راضي خان جتوئي، مخدوم فضل، جلال شاهه ڄاموٽ، غوث  بخش مهر، شهريار مهر. عادل انڙ، ڊاڪٽر احمد علي شاهه، معظم عباسي، عرفان الله مروت، نند ڪمار گوڪلاڻي، نصرت سحر عباسي، ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ، خليفو وريام فقير، علي غلام نظاماڻي، عبدالرزاق راهمون، تيمور شاهه ڄاموٽ، ڄام ذوالفقار ۽ ٻيا شريڪ ٿيا،

اجلاس ۾ جي ڊي اي کي ضلعي سطح تي وڌيڪ فعال ڪرڻ، صوبي ۾ جلسا ۽ ڪارنر گڏجاڻيون ڪرڻ ۽ هم خيال دوستن کي پاڻ سان ملائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي پير پاڳاري چيو ته جي ڊي اي کي سنڌ ۾ فعال ڪيو ويندو، انهي لاءِ مولانا فضل الرحمان سان به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هو به اسان سان گڏ آهي، اسان  جي يو آءِ سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ به ڪنداسين.

پير پاڳاري وڌيڪ چيو ته جي ڊي اي چونڊن لاءِ ٺهيو هو، جيڪو  اڄ به قائم آهي، انهي کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين، جڏهن توهان ( اتحادي) چاهيندا ته آئون ان کي ختم ڪري فنڪشنل ليگ کي ميدان ۾ لاهيندس.  پير پاڳاري چيو ته سنڌ يا ملڪ جي سلامتي لاءِ اسان پهرين به ڪردار ادا ڪيو هو، هاڻي به ڪندا رهنداسين،جي ڊي اي اڳواڻن کي مخاطب ٿيندي پير پاڳاري چيو ته هر چنڊ عيد جو چنڊ ناهي هوندو، ڏکيا ۽ سکيا وقت ايندا آهن، آئون توهان سڀني دوستن سان هر وقت گڏ آهيان،

اجلاس ۾ ڳالهائيندي پير سيد صدر الدين شاهه راشدي چيو ته هن وقت به حر جماعت خلاف انتقامي ڪارروايون جاري آهن، اسان جي بزرگن ۽ اسان ننڍپڻ کان اهڙين ڪاررواين جو مقابلو ڪيو آهي ۽ ڪندا رهنداسين. ڊڄڻ وارا ناهيون. اسان لاءِ پهرين حر جماعت پوءِ اولاد جي اهميت آهي ۽ اڳتي به متحد رهنداسين.

هن چيو ته پير پاڳاري يا اسان ڪڏهن عهدن کي اهميت ناهي ڏني، سياست ۾ تڪليف برداشت ڪرڻي پوندي آهي. هن چيو ته جي ڊي اي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ضلعي سطح تي پندرهن ڏينهن بعد گڏجاڻي رکنداسين. اجلاس کي ٻين اڳواڻن به خطاب ڪيو.