فيصل آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير رانا ثناالله چيو آهي ته دوست ملڪ چون ٿا ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان معاهدو ڪيو جنهن کانپوءِ ئي هو مدد ڪندا. رپورٽ موجب فيصل آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت ڪوشش ۾ آهي ته ملڪ ڊيفالٽ نه ٿي وڃي پر هڪ بي شرم ڪوشش ۾ آهي ته ملڪ ڊيفالٽ ڪري وڃي. عمران خان طرف اشارو ڪندي رانا ثناالله چيو آهي ته هو شخص ٽي وي تي ويهي پروپيگنڊا ڪندو آهي ته ملڪ ڊيفالٽ ڪرڻ لڳو آهي، ان پروپيگنڊا کي هڪ جماعت منصوبي تحت وٺي وڃي رهي هئي، هو ماڻهو بي بنياد پروپيگنڊا ڪرڻ جو ماهر آهي ۽ ڪندو رهندو آهي. گهرو وزير  اهو به چيو آهي ته ڪجهه ماڻهن هن جي چوڻ تي پنهنجي مخالفن کي گاريون ڏنيون، چور چور چيو پوءِ پادر لڳا ته سڌا ٿي ويا. هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ۽ معاشي ڏکيائيون آءِ ايم ايف جي ڪري آهن جنهن بجلي، گيس ۽ پيٽرول مهانگو ڪراڻ ۽ سبسڊي ختم ڪرڻ جا مطالبا ڪيا آهن. پر اسان اهڙا فيصلا ڪريون پيا جو ماڻهن تي گهٽ ۾ گهٽ بار پوي.