مٺي(رپورٽ:ممتاز نهڙيو) مٺي جي عدالت هاءِ پروفائيل دودو ڀيل قتل ڪيس ۾ مقتول جي گهر ڀاتين پاران ٺاھ لآءِ ڏنل درخواست جون سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد نامزد  جوابدارن کي ڪيس مان آجو ڪري ڇڏيو، قتل ڪيس ختم ٿي ويو، جڏهن دودو ڀيل قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن ۾ طفيل، ڪاشف ڪمانڊو، اڳوڻو ايس ايچ او رزاق جمالي، حضيفا  ملڪـ، حارث احمد، قمر عباس، وزير محمد شامل هئا، ايڊيشنل سيشن جج مٺي جي عدالت ۾ هلندڙ ڪيس جي ٻڌڻي دوران مقتول جي ٻارن لآءِ مقرر ٿيل دعيت واري 40 لک رپيا رقم پڻ جوابدارن اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائڻ جي بئنڪ اسٽيٽميٽ جمع ڪرائي، هوڏانهن مقتول دودو ڀيل جي گهرڀاتين ۽ فريادي اڳئين تاريخن تي ٺاھ جي بنياد تي جوابدارن کي خون معاف ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي پر ٻارن جي دعيت واري رقم جمع نه ڪرائڻ تي عدالت کين اها رقم جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالت ۾ جوابدارن دودو ڀيل جي 2 معصوم ٻارن لاء 40 لک رپين جي دعيت واري رقم جمع ڪرائڻ وارا ڪاغذات پيش ڪيا، جنهن بعد عدالت کين ٺاھ جي بنياد تي ڪيس مان آجو قرار ڏنو ۽ ڪيس ختم ڪري ڇڏيو واضع رهي ته ٿر ڪول ايريا بلاڪ 2 تي ڪم ڪندڙ پورهيت دودو ڀيل کي سيڪورٽي وارن تشدد وگهي قتل ڪيو هو، جيڪو ٿر جو تمام هاء پروفائيل ڪيس ٿي سامهون آيو هو.ss