دوداپور (ن پ ا) ڳوٺ سھڻون لھر لاڙي وٽ ڦر دوران ٻه مھينا اڳ مارجي ويل بلوچستان واسي نوجوان حافظ  عبدالطيف منجھو جي قتل جو جرڳو ڳوٺ رسول آباد ۾ طارق لھر جي سرپنئچي ۾ ٿيو،پٺاڻ لهر بروهي ڌر تي الزام ثابت ٿيڻ تي مجموعي طور 35 لک ڏنڊ لڳايو ويو،حافظ عبدالطيف منجهو جي خون بها 30 لک ۽ سندس زخمي ساٿي شان بروهي جو 5 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو.ڏنڊ جي رقم ٻن قسطن ۾ متاثر ڌر کي ادا ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ ھو راضي نامون ڏيئي ڪيس کان هٿ کڻندا،واضح رهي ته ٻه مهينا اڳ دوداپور ٿاڻي جي حد سهڻون لھر لاڙي وٽ ڦر دوران هٿياربندن فائرنگ ڪري بلوچستان جي رهواسي نوجوان حافظ عبدالطيف منجهو کي قتل ڪيو هو ۽ سندس دوست شان بروهي زخمي ٿيو هو.فيصلي بعد ڌريون کيرکنڊ ٿي ويون، قتل ٿيل نوجوان جي ڪيس ۾ منٺار لهر سميت 2 ڄڻا جيل حوالي ٿيل آهن، مشيرن ۾ مير باز خان بروهي سيد ظھر شاھ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.