لاڙڪاڻو/ دوداپور (نمائندن وٽان) دوداپور ٿاڻي جي حد تاجا شاخ ڀرسان تاڙ ۾ لڪي ويٺل هٿياربندن پوٽوهارو جيپ تي پنهنجي زمين تي ويندڙ اڳوڻي ايم پي اي غلام علي بليدي جي ڀائيٽي اسلم تي هٿيارن فائرنگ ڪئي، جنهن سبب هوشديد زخمي ٿي پيو، جنهن کي نازڪ حالت ۾ جيڪب آباد اسپتال منتقل ڪيو، جتان فاسٽ ايڊ بعد لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ته هو زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو، اسلم بليدي فوت ٿيڻ بعد بليدي برادري جا سون جي تعداد ۾ ھٿياربند ٿي گهران نڪري حملي آورن جي پيڇو ڪيو ته هو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، رابطو ڪرڻ تي دوداپور پوليس جو چوڻ آھي ته اطلاع ملڻ تي دوداپور ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن جي ناڪابندي ڪئي آھي مگر جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آھن وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.ٻئي طرف مقتول جي سئوٽ عبدالرحمن بليدي رابطو ڪرڻ تي روزاني پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته سئوٽ جيڪب آباد کان پنهنجي گاڏي تي دوداپور ڀرسان ڳوٺ امير آباد بليدي ۾ زمينن جي گهمڻ وڃي رهيو هو ته نامعلوم هٿياربندن حملو ڪري قتل ڪيو آھي سندس ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي وڌيڪ جاچ ڪيون پيا حقيقت سامهون اچي ويندو.