دوداپور (ن پ ا) پلاٽ جي مالڪي تان قتل ٿيل 7 ڄڻن جي وارثن وٽ ٿهيم برادري پاران چڱا مڙس رضوان اوڍو، سيد مهتاب شاھ، الهيار ڀيو، مراد علي بليدي، احمدعلي اوڍو، سيد بسم الله شاھ، عاشق بروهي، ميرباز بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميڙ منٿ قافلو ڳوٺ ڇٽل آباد پهتو.ان موقعي تي چڱن مڙسن ٻٻر برادري کي چيو ته قبيلائي تڪرار ناسور آھن، جيڪو ڪجهه ٿيو، هاڻي وڌيڪ خونريزي نه ٿيڻ گهرجي، پاڪ ڪتاب، سيد ۽ چڱا مڙس اوهان جي تڏي تي آيا آھيون، ڳالهيون ڪري مسئلا حل ڪيو، ٻٻر برادري جي چڱي مڙس وزير ٻٻر ۽ ٻين چيو ته ڪيس ۾ گهربل سمورا جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ۽ ڪجهه وقت جي مهلت ڏني وڃي برادري جي ماڻھن سان صلاح مشوري بعد اوهان معززين کي آگاھ ڪنداسين. هوڏانهن ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڊي ايس پي ڳڙهي خيرو جي اڳواڻي ۾ پوليس چڙهائي ڪئي، جوابدار هٿ نه اچڻ تي پوليس ڪجهه شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري وئي.