دوداپور (ن پ ا) تاجوديرو ٿاڻي جي حد گل شاخ ڀرسان هٿياربند اناج جي واپاري شعيب اوڍو تي تشدد ڪري هڪ لک روڪ ۽ موبائل ڦري ويا،  ٻئي طرف ساڳئي ٿاڻي جي حد جاگير لاڙو ڀرسان هٿياربندن پلال کڻي ويندڙ ٽريڪٽر ٽرالي جي ڊرائيور کي يرغمال بڻائي ٽريڪٽر مالڪ اڪبر انڙ کان پنجاهه  هزار روڪ، موبائل ڦري ويا. رابطو ڪرڻ تي ٽريڪٽر مالڪ اڪبر انڙ جو چوڻ آھي ته بدامني سبب هاڻي ڏينهن ڏٺي جو به گهر کان نڪرڻ وڏو مسئلو آھي.