دوداپور (ن پ ا) دوداپور ويجهو برسات متاثرن پاران ٽينٽ ۽ راشن نه ملڻ تي انتظاميا خلاف جيڪب آباد -دوداپور روڊ بند ڪري ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو، ان  موقعي تي علي نواز دستي، صديق بروهي ۽ ٻين چيو ته برسات کي 2 مهينا گذري وڃڻ بعد هن وقت تائين تڪ جي چونڊيل نمائندن توڙي ضلعي ۽ تعلقي انتظاميا ڪا به واھر نه ڪئي، کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار بڻجي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون، نوٽيس وٺي واهر ڪئي وڃي.