دوداپور (ن پ ا) دوداپور ويجهو تاجوديرو  ٿاڻي جي حد علي خان بروھي لاڙي ڀرسان ھٿياربندن نعيم شاھ کان موٽرسائيڪل ڦر ڪئي، اطلاع تي پوليس ڦورن جو پيڇو ڪرڻ تي دائوجهانپور ڀرسان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ ۾ پوليس اھلڪار ھاشم جکرو زخمي ٿي پيو، جوابي فائرنگ ۾ ھڪ جوابدار رمضان جکراڻي کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، ان حوالي سان ايس ايچ او تاجوديرو علي اڪبر ملڪ ٻڌايو ته موٽرسائيڪل سوار ڦورن شھري نعيم شاھ کان موٽرسائيڪل ڦر ڪئي، اطلاع  تي  پيڇو ڪرڻ تي مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ ھڪ اهلڪار محمد هاشم جکرو زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو،  جڏهن ته جوابي فائرنگ ۾ ھڪ ڦورو کي مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آھي. ڦورو جي سڃاڻپ رمضان جکراڻي نالي سان ٿي آھي.