اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اقتصادي رابطا ڪاميٽي (اي سي سي) جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ آدم گيس فيلڊ مان تيل ۽ گيس جي ڳولا لاءِ ليز جي منظوري ڏني وئي، آدم گيس فيلڊ مان تيل ۽ گيس جي ڳولا جي لاءِ ليز جي منظوري پنجن سالن لاءِ ڏني وئي آهي، اي سي سي گڊو وٽ عمير آئل فيلڊ جي ٽيسٽنگ جي درخواست تي هڪ سال توسيع به منظور ڪئي، ڊريپ جي تجويز تي دوائن  جي قيمتن ۾ اضافي جي سمري به منظور ڪئي وئي آهي، پڌرائي مطابق اي سي بندرگاهن تي موجود ڪڻڪ جي شپمينٽ جي انسپيڪشن جي به منظوري ڏني آهي، ربيع سيزن جي لاءِ ڪڻڪ جي ٻج تي سبسڊي جي سمري به منظور ڪئي وئي آهي، ان مد ۾ غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزارت کي 8.39 ارب گرانٽ ڏني ويندي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت هارين ۾ رقم تقسيم ڪئي ويندي، پڌرائي مطابق ٻوڏ متاثر هارين کي ڪڻڪ جي ٻج تي سبسڊي ڏني ويندي، اجلاس ۾ هائوسنگ اينڊ ورڪس جي سمري تي سپريم ڪورٽ جي عمارت، ججن جي رهائشگاهن جي ضروري مرمت لاءِ 84 ڪروڙ  رپين جي فنڊ جي به منظوري ڏني وئي.