ڪراچي: دوائن جي ٽينڊر واري معاملي تان اسپتال انتظاميا ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ، اي ايم ايس (جنرل) پاران بدلي  ڪرائڻ جون ڪوششون، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب سول اسپتال  ۾ دوائن جي ٽينڊر واري معاملي تان انتظاميا  ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ آهي، جنهن ڪري دوائن جي خريداري ۾ دير ٿيڻ جو خدشو آهي، ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته اي ايم ايس (جنرل)  ڊاڪٽر اسماعيل ميمڻ پاران بدلي ڪرائڻ لاءِ سيڪريٽري صحت کي سفارشون ڪرايون ويون آهن،