لاهور (م ڊ) پاڪستان ڊرگ لائرز فورم جي صدر نور مهر چيو آهي ته زندگي بچائيندڙ دوائن جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 21 سيڪڙو اضافو ڪيو  ويو آهي. هن خدشو ظاهر ڪيو ته پاڪستان ۾ دوائن جي اگهن ۾ واڌ سان عام ماڻهوءَ جي قوت خريد متاثر ٿي رهي آهي، جنهن سبب هر روز 300 کان وڌيڪ مريض فوت ٿي رهيا آهن. نور مهر چيو ته جولاءِ 2022 جي ڊرگ ڊريسنگ پاليسي 2018 تحت دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين دوائن جي قيمتن ۾ 21 سيڪڙو اضافو ڪيو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اڳوڻي حڪومت جي 3 سالن جي دور ۾ دوائن جي قيمتن ۾ 400 سيڪڙو اضافو ٿيو.