سکر/ڏهرڪي/ رائونتي (رپورٽ: فاروق سومرو/ اعظم سهرياڻي/ مظهر حسين) سنڌ- پنجاب ۾ دهشت جي علامت بڻيل بدنام ڌاڙيل سلطو شر هڪ ساٿي سميت مارجي ويو، پوليس پاران مقابلي جي دعويٰ. خبر موجب رائونتيءَ واري ڪچي واري علائقي ۾ گذريل 25 سالن کان دهشت جي علامت بڻيل بدنام ڌاڙيل سلطو شر پوليس سان مبينا مقابلي ۾ هڪ ساٿي عيسو شر سميت مارجي ويو. ان سلسلي ۾ ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي ۽ ايس ايس پي تنوير تنيو اوٻاوڙو ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ ٻن ڏهاڪن کان دهشت جي علامت بڻيل بدنام ڌاڙيل سلطو شر ۽ سندس ساٿي عيسو شر کي مقابلي ۾ ماري ڇڏيو آهي. پوليس آفيسرن موجب سلطو شر گهوٽڪي پوليس کي قتل، اغوا، پوليس مقابلن ۽ ڦر سميت 98 سنگين ڪيسن ۾ گهربل هو. رائونتي واري ڪچي ۾ آپريشن دوران ايس ايچ او حنيف مڱريو، حسن ڪولاچي، غلام نبي مهر سميت 9  پوليس  اهلڪار جي قتل ۾ پڻ سلطو شر گهربل هو. هنن چيو ته پوليس کي ويجهي ماضيءَ ۾ ايڏي وڏي ڪاميابي ناهي ملي. هنن جو چوڻ هو ته ڏوهارين جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي چيو ته سلطو شر سنڌ ۽ پنجاب جي دنگ وارن علائقن ۽ ڪچي ۾ پنهنجي رياست قائم ڪري ويٺل هو. هن چيو ته سلطو شر ماڻهن کي اغوا ڪري مغوين جون تذليل واريون وڊيو جاري ڪري ڪروڙين رپيا ڀنگ ورتو. سلطو شر جو مارجڻ ڏوهارين لاءِ وڏو پيغام آھي ته هو ڏوهن جي دنيا ڇڏي پاڻ کي قانون جي حوالي ڪن. واضح هجي ته بدنام ڏوھاري سلطو شر پاڻ کي سنڌو درياءَ جي ڪچي جو بادشاھ سڏرائيندو ھو. هن تازو ئي رحيم يار خان کان 10 ماڻھن کي ھٿيارن جي زور تي ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو هو. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ مقابلي ۾ حصو وٺندڙ ٽيم جي لاءِ 50 لک رپيا روڪ ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي. هوڏانهن ٻنهي ڏوهارين جا لاش رائونتي مان پوليس موبائيل ۾ کڻي اوٻاوڙو جي ڊي ايس پي آفيس گرائونڊ ۾ اڇلايا ويا، جتان بعد ۾  اوٻاوڙو  اسپتال منتقل ڪيا ويا.