گجرانوالا (بيورو رپورٽ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، دهشتگردي ٽوڙ عدالت گجرات جي انڊسٽريل ٿاڻي ۾ رانا ثناءُ الله جي خلاف داخل هڪ ڪيس ۾ وفاقي گهرو وزير جا قابل ضمانت وارنٽ گرفتاري جاري ڪيا ۽ پوليس کي ان کي 7 مارچ تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، رانا ثناءُ الله  خلاف 5 آگسٽ 2022 تي ق ليگ جي مقامي اڳواڻ جي مدعيت ۾ دهشتگردي جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيوويو هو، جنهن ۾ ان تي چيف سيڪريٽري ۽ ان جي گهروارن کي جان سان مارڻ جي ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام لڳايو ويو ، گجرات پوليس ڪيس کي خارج ڪري رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي هئي جنهن تي عدالت پوليس جي رپورٽ کي رد ڪندي جوابدار جا قابل ضمانت وارنٽ گرفتاري جاري ڪيا، عدالت جاچ آفيسر، لاڳاپيل ڊي ايس پي ۽ ايس پي انويسٽيگيشن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي 7 مارچ تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو به حڪم ڏنو.