دهشتگردي ٽوڙ عدالت طرفان عمران خان جي اڄوڪي حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست تي فيصلو محفوظ

0
159
جڊيشل ڪامپليڪس اندر ڀڃ ڊاهه ڪيس: عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن جي ضمانت ۾ واڌ
جڊيشل ڪامپليڪس اندر ڀڃ ڊاهه ڪيس: عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن جي ضمانت ۾ واڌ

اسلام آباد: اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جي اڄوڪي حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي

عدالت رمارڪس ۾ چيو آهي ته عمران خان کي عدالت اچڻو آهي ته اسان کي تاريخ ٻڌائي، ڪڏهن ڪڏهن ڄڃ وڏي هوندي آهي، توهان کي خبر آهي ته پوٽوهار ۾ استقبال ڪيئن ٿيندو آهي، عمران خان جو وڪيل سردار مصروف خان عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ حاضريءَ کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪرائي

وڪيل چيو ته عمران خان کي جڊيشل ڪامپليڪس آمد جي موقعي تي قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي هئي، عمران خان کي اڄ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻو آهي، عمران خان سان جڊيشل ڪامپليڪس آڏو جيڪو ٿيو اهو سموري قوم ڏٺو

جج رمارڪس ۾ چيو ته سموري قوم ڏٺو پر اسان نه ڏٺو، ڇاڪاڻ ته اسان جي ڪيبل نه پَئَي هَلِي، سرڪاري وڪيل عمران خان جي حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست جي مخالفت ڪئي، عدالت فيصلو اڄ ساڍي 3 وڳي تائين محفوظ ڪري ورتو

هي به پڙهندا

عمران خان جي نفرت واري سياست سان ملڪ کي نقصان پهچي رهيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري