دهشتگردي جَي 8 ڪيسز ۾ عمران خان جِي حفاظتي ضمانت منظور

0
142
لاهور هاءِ ڪورٽ پوليس ۽ ايف آءِ اي کي عمران خان خلاف ڪارروائي کان روڪڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو
لاهور هاءِ ڪورٽ پوليس ۽ ايف آءِ اي کي عمران خان خلاف ڪارروائي کان روڪڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو

  دهشتگردي جَي 8 ڪيسز ۾ عمران خان جِي حفاظتي ضمانت منظور، لاهور هاءِ ڪورٽ پوليس کي عمران خان جِي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو

جسٽس طارق سليم شيخ ۽ جسٽس فاروق حيدر تي ٻڌل 2 رڪني بينچ طرفان عمران خان جي حفاظتي ضمانت وارين درخواستن تي ٻڌڻي جاري

عمران خان جي وڪيل چيو ته سندس موڪل لاڳاپيل عدالتن ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو پر ڪجهه ڪيسن جا تفصيل وٽن ناهن،عمران خان چيو ته ايترا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جو ڪجهه سمجهه ۾ ئي نه ٿو اچي، هڪ ڪيس ۾ ضمانت ڪرايون ٿا ته وري ٻيو ڪيس داخل ڪيو وڃي ٿو، منهنجي گهر تي به حملو ڪيو ويو

جسٽس طارق سليم شيخ ريمارڪس ڏيندي چيو ته توهان کي ڪجهه شين تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، خان صاحب! ان ڪيس ۾ توهان غلط هينڊل ڪيو تڏهن معاملا خراب ٿيا

دليل ٻڌڻ بعد عدالت عمران خلاف  اسلام آباد جي 5 ڪيسز ۾ 7 ڏينهن جي ۽ لاهور ۾ داخل ٽن ڪيسز ۾ 10 ڏينهن جي حفاظتي ضمانت منظور منظور ڪري ورتي

هن کي به پڙهندا

عمران خان دهشتگردي جي ڪيسز ۾ حفاظتي ضمانت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

عمران خان جو حفاظتي ضمانت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو