پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار بئريسٽر سيف الله چيو آهي ته دهشتگردي جي لهر اسان ناهي آندي پر ڪيترن ئي حملن کي ناڪام بڻايو آهي. برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر سيف چيو ته خيبرپختونخواهه جي پوليس مڪمل طور تي تياري آهي ۽ دهشتگرديءَ جي لهر اسان ته نه آندي آهي، اسان اڳ ئي دهشتگردن جي ڪيترن ئي حملن کي ناڪام بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪا آهيون ۽ جيڪڏهن حملا ٿي رهيا آهن ته اسان ان کي ڀرپور جواب ڏئي رهيا آهيون. بئريسٽر سيف چيو ته اسان گذريل بجيٽ ۾ سي ٽي ڊي ۽ پوليس لاءِ اربين رپيا مختص ڪيا هئا، جڏهن ته خيبرپختونخواهه حڪومت کي وفاق کان گهربل سهڪار نه پيو ملي. ڪي پي حڪومت جي ترجمان جو چوڻ هو ته ڪي پي ڪي حڪومت نه پر وفاقي حڪومت افغان حڪومت سان رياستي سطح تي ڳالهيون ڪري سگهي ٿي ڇاڪاڻ اهو هڪ وڏي پيماني تي ڪم آهي، وفاقي حڪومت ان حڪمت عملي جو حصو آهي پر تعاون نه ڪري رهي آهي.