دهشتگردي جو نئون خطرو

0
300
دهشتگردي جو نئون خطرو

 نئين سال شروع ٿيڻ سان ملڪ ۾ گذريل سال کان هلندڙ دهشتگردي نئون رخ وٺي رهي آهي. دهشتگردي جو نئون خطرو لامارا ڏئي رهيو آهي. اربع تي تحريڪ طالبان پاڪستان ملڪ جي ٻن مک سياسي پارٽين جي سربراهن کي پنهنجي ڌمڪي جو نشانو بنايو آهي. دوحا مان هلندڙ عرب ٽي وي چينل الجزيره کي مليل واٽسپ پيغام موجب هنن حڪمران پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ خلاف جنگ جو اعلان ڪندي ڌمڪي ڏني آهي ته هو انهن جي مک سربراهن خلاف سخت قدم کڻندا. هنن وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو نالو کڻي مٿن ڇوھه ڇنڊياآهن. ٽي ٽي پي جي ترجمان محمد خراساني پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته گهڻي وقت کان هنن ڪنهن سياسي پارٽي خلاف ڪو قدم ناهي کنيو پر جي هي ٻئي پارٽيون پنهنجي موقف تي قائم رهيون ته پوءِ هنن ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن خلاف ايڪشن کنيوويندو. ان ڪري هنن ماڻهن کي خبردار ڪيو آهي ته هو انهن اڳواڻن جي ويجهو نه وڃن. ترجمان چيوآهي ته سندن اصل نشانو ملڪ جا سيڪيورٽي ادارا آهن جيڪي اولهھ جي چرچ تي  ملڪي مفادن خلاف ڪم پيا ڪن. هن مذهبي جماعتن کي به خبردار ڪيو آهي ته هو حڪومت سان ملي سندن خلاف قدمن جو حصو نه بڻجن.

ٽي ٽي پي جو اهو بيان نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي ان اجلاس جي ٻن ڏينهن بعد آيو آهي جنهن۾ بنا ڪنهن فرق جي هرقسم جي دهشتگردي سان مقابلي جو عزم ڪيو ويو آهي جنهن۾ نئون آرمي چيف ۽ وزيراعظم به شريڪ ٿيا هئا. آميريڪا جي پرڏيهي آفيس فورن  ان اعلان جي آجيان پڻ ڪئي هئي. گذريل سال ملڪ ۾ دهشتگردي جا 150 واقعا ٿيا هئا جن۾ سوين ماڻهو مري ويا هئا. ٽي ٽي پي جو مطالبو آهي ته ملڪ ۾ سندن پسند جو شرعي نظام لاڳو ڪيو وڃي، فاٽا جي ڪي پي ۾ ضم ڪرڻ جي فيصلي کي واپس ورتو وڃي ۽ پاڪ افغان سرحد يا ڊيورنڊلائين تي لڳايل خاردار ڀت کي هٽايووڃي. هنن الزامِ هنيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف آميريڪا کي خوش ڪرڻ لاءِ سندن خلاف ڪارروايون ڪرائي رهيو آهي. هن بلاول لاءِ پڻ اهو چيوته هن پنهنجي ماءُ جي سڪ لاهڻ لاءِ آميريڪا کي پنهنجي ماءُ بڻايوآهي ۽ هو نوجوان آهي جنهن کي جنگ جي ڪا خبر ناهي. بلاول کي ٽي ٽي پي جي ڌمڪي ان ڪري به تشويشناڪ آهي جو ٽي پي جي اڳواڻ مفتي نور ولي محسود پنهنجي ڪتاب “برطانوي راڄ کان آميريڪي سامراجيت تائين”۾ قبول ڪيو آهي ته محترمه بينظير ڀٽو تي سندن گروپ حملو ڪيو هو ڇو ته هن ٽي ٽي پي کي نشانو بنائڻ جوواعدوڪيو هو. بلاول ڪجهھ ڏينهن اڳ ٽي ٽي پي کي اهو چئي دهشتگرد تنظيم سڏيو هو ته افغانستان جي طالبان جي ته تاريخ آهي ۽ ٽي ٽي پي ۽ هنن وچ ۾واضح فرق آهي. ٽي ٽي پي پاڪستان سان ٿيل جنگبندي تان به نومبر ۾ ڦري وئي هئي.ان کان علاوه گذريل مهيني واشنگٽن ۾ ائٽلانٽڪ ڪائونسل کي خطاب ڪندي بلاول واضح ڪيو هو ته ٽي ٽي پي پاڪستان جي مڪمل ريڊ لائين آهي. هن يقين ڏياريو هوته ڪنهن کي به اها ريڊ لائين پار ڪرڻ نه ڏني ويندي ڇو ته پاڪستاني عوام جي سلامتي کين عزيز آهي. پر ٻئي پاسي ساڳئي ملڪ جي شهر نيويارڪ ۾ اقوام متحده سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ پاڪستاني نمائيندو منير اڪرم اهو بيان ڏئي رهيو هو ته علائقي جي صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ طالبان سان لھه وچڙ ضروري آهي. گذريل سال مئي ۾ جنرل فيض جي قيادت ۾ جرڳو ڪابل ۾ ٽي ٽي پي سان ڳالهيون به ڪري چڪو هو جڏهن هو پشاور جو ڪور ڪمانڊر هو. جنهن مان واضح آهي ته حڪومت جي مختلف حصن جا ٽي ٽي پي بابت مختلف رايا آهن. ان مونجهاري جو تازو مثال راڻي جا متضاد بيان آهن. وفاقي گهرو وزير راڻي ثناءُالله طالبان کي افغانستان مان مدد ملڻ جي دعويٰ به ڪئي آهي جنهن کي روڪڻ لاءِ هن افغانستان اندر انهن اڏن تي هوائي حملن جي ڳالھه ڪئي پر بعد ۾ ان بيان تان ڦري ويو. پرڏيهي ترجمان به ان جي ترديد ڪري چڪي آهي. راڻي اهو به چيو ته جي تحريڪ طالبان پاڪستان هٿيار ڦٽو ڪري ته ساڻن ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون پر بعد ۾ ان جي به ترديد ڪري ڇڏي. هن وقت ڪنهن به مونجهاري ۾ پوڻ اجائي آهي ڇو ته سعودي عرب ۾ شيخ محمد بن سلمان جي اقتدار ۾ اچڻ بعد نيون تشريحون ۽ نيون فتوائون سامهون اچي رهيون آهن جيڪي سوير يا دير ضرور مڪاني صورتحال کي به متاثر ڪنديون. آرمي چيف به هن وقت سعوديا جي دوري تي آهي.

مبصر ٽي ٽي پي جي تازي ڌمڪي کي هلندڙ سال پاڪستان ۾ ٿيندڙ چونڊن سان ڳنڍي رهيا آهن ڇو ته ڏھه سال پهريائين به 2013ع جي چونڊن وقت ساڳئي گروپ پيپلز پارٽي کي ڌمڪيون ڏنيون هيون ۽ هن وقت چونڊن تي اثر وجهڻ لاءِ هواتحادي جماعتن خاص ڪري پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهن کي پي ٽي آئي کي فائدو ڏيڻ سان تشبيهه ڏني پئي وڃي. ڇوته انهن ڌمڪين ڪري ماڻهن جي جلسن ۾وڃڻ کي گهٽائي سگهجي ٿو. ٻئي طرف ڪي پي ۾ وڌندڙ دهشتگردي خلاف سوات بعد ڏکڻ وزيرستان ۾ هزارين ماڻهن سفيد جهنڊا کڻي دهشتگردي خلاف مظاهرو ڪيو آهي جنهن۾ واپاري، شاگرد، نوجوان، سياسي ڪارڪن، قبائلي چڱا مڙس شريڪ ٿيا آهن جنهن کي پيپلز پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي، پشتون قومي موومينٽ، نون ليگ جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته هن مظاهري ۾ وانا کان وٺي انگور اڏي تائين ماڻهو شريڪ ٿيا آهن ۽ هن وقت وزيرستان ۾ پوليس اسٽيشنون به محفوظ نه آهن جن تي حملا ڪري هٿيار لٽيا پيا وڃن ۽ سيڪيورٽي عملدارن تي به حملا ڪيا پيا وڃن. هنن چيو ته خاص توڙي عام ماڻهن کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو پيو وڃي ۽ قبائلي علائقن ۾ فوجين، قبائلي اڳواڻن، سياستدانن توڙي ٺيڪيدارن سميت ڪو به ماڻهو محفوظ ناهي، جنهن کي منظور پشتين هڪ سازش سڏيو. جڏهن ته ڪجهھ اڳواڻن ان کي گريٽ گيم سڏيو جنهن۾ قبائلي عوام کي توب جي گولي طور استعمال ڪيو پيو وڃي.

دهشتگردي جي تازي خطري کي محسوس ڪندي وزيراعظم دهشتگردي سان منهن ڏيندڙ اداري نيڪٽا ۽ صوبائي پوليس عملدارن ۽ چيف سيڪريٽرين جي گڏجاڻي ۾ صوبن ۽ مرڪز وچ۾ تعاون، رابطي ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورن صوبن جي مدد تي زورڏنو. پر سڀني صوبن ۾ ٻه وڏا صوبا پنجاب ۽ ڪي پي به شامل آهن جتي پي ٽي آئي جي صوبائي حڪومتون آهن جيڪي دهشتگردي ته پري رهيو پر بجلي بچائڻ لاءِ مارڪيٽ سوير بند ڪرڻ جي فيصلي جي به مخالفت ڪري چڪيون آهن. ان ڪري جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي تيئن ڪجھه مبصر دعويٰ ڪن ٿا ته دهشتگردي بابت سڀ پارٽيون، حڪومتون، ڌريون، ادارا توڙي فرد هڪ پيج تي ناهن ۽ هو ذهني طور مونجهاري جو شڪار آهن يا پنهنجن مفادن جي وڪڙ ۾ ورتل آهن. ڇو ته اڳي هو طالبان کي پنهنجواثاثو سمجهي سندن برانڊ کي پنهنجو سمجهي انهن جي مدد ڪندا رهيا آهن.ماضي ۾ دهشتگري کي حڪومتي ادارا ڪراچي توڙي ٻين حصن ۾ پنهنجن سياسي مقصدن لاءِ پڻ ڪتب آڻيندا رهيا آهن. هڪ دفعو ٻيهر مختلف ڌڙن کي ملائڻ جي ڪوشش جاري آهي جن بابت مون لکيو هو ته انهن کي ڪجھه سالن کان ٻئي حڪم تائين لوڪوشيڊ ۾ بيهاريوويوآهي. لڳي ٿو ته هاڻي کين ٻيهر ڪراچي ۾ سرگرم ڪيو ويندو جنهن سان دهشت گردي کي هٿي ملندي.

بلاول کي ٽي ٽي پي جي تازي ڌمڪي ۽ ان کان اڳ آميريڪي دوري دوران انڊيا جي وزيراعظم مودي کي دهشتگرد سڏڻ بعد انڊيا جي مختلف شهرن ۽ دلهي ۾ پاڪستاني سفارخاني ٻاهران مظاهرا، سندس پتلا ساڙڻ توڙي يوپي ۾ بي جي پي اڳواڻ پاران کيس ختم ڪندڙ کي ٻه ڪروڙ انڊين رپيا انعام ڏيڻ جواعلان سخت تشويشناڪ آهي. لڳي ٿو سندس خلاف ٻه نوان پرڏيهي محاذ کولرائي نه فقط مٿس دٻاءَ ۾ واڌاروڪيوويندو پر ايندڙ چونڊن جي نتيجن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ان ڪري حڪومت سان گڏوگڏ سندس پارٽي کي گهرجي ته سندس حفاظت کي يقيني بنايو وڃي.