دهشتگردن ۽ 9 مئي جي شرپسندن ۾ ڪو فرق ناهي: وزيراعظم

0
256

پشاور: وزيراعظم شهباز شريف جي هڪ ڏينهن جي دوري تي پشاور آمد، ذريعن موجب مصروفيتن سبب وزيرعظم 19 مئي وارو پشاور جو دورو ملتوي ڪيو هو، وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي پشاور پهچي ويو، دوري دوران  وزيراعظم ريڊيو پاڪستان پشاور پهتو

 ان موقعي تي وزيراعظم کي ريڊيو پاڪستان ۾ 9 مئي تي ٿيل نقصانن کان آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم شهباز شريف  خطاب ڪندي چيو ته 9 ۽ 10 مئي تي شرپسندن ريڊيو پاڪستان پشاور جي تاريخي رڪارڊ کي باهه ڏني

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته چاغي جي يادگار کي باهه ڏئي شرپسندن تاريخ کي ساڙي ڇڏيو، پنهنجي تاريخي اثاثن کي باهه ڏيڻ حب الوطني نه ملڪ دشمني آهي، 9 مئي جي شرپسندن ۽ دهشتگردن ۾ ڪو به فرق ناهي

 وزيراعظم شهباز شريف طرفان 48 ڪلاڪن ۾ ريڊيو پاڪستان پشاور جي ملازمن کي رهتون ڏيارڻ جو اعلان ڪيو ويو

هي به پڙهندا

پي ٽي آءِ جون ڪهڙيون 6 شخصيتون شرپسندن سان رابطي ۾ رهيون: 9 مئي واقعن بابت رڪارڊ سامهون اچي ويو