دهشتگردن جي نشاني تي آيل حڪمران جماعتون

0
165
دهشتگردن جي نشاني تي آيل حڪمران جماعتون

 لفظ طالبان ٻڌندي ئي ذھن ۾ عجيب قسم جا عڪس اچڻ شروع ٿي ويندا آھن. ايئن پاڪستان جي سياست ۾ به طالبان جي باري ۾ مختلف رايا آھن. پاڪستاني سياستدانن وٽ طالبان لاءِ ڪٿي سخت گير موقف ته ڪٿي وري ساهه ۾ سانڍڻ جهڙيون حسرتون موجود آھن. ڪو وقت هو جوطالبان حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ  عمران خان کي پنهنجو نمائندو مقرر ڪيو هو. پنجاب جي وڏي وزير جي حيثيت سان شھباز شريف طالبان کي پنجاب ۾ ڪارروايون نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي. پي پي پي شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت جو ذميوار طالبان کي سمجهي ٿي نه صرف اهو پر افغانستان تي جڏهن طالبان قبضو ڪيو ته تڏهن عمران خان خوشي ۾ نه پئي ماپيو. اسان جي هر سياسي پارٽي جي طالبان جي باري۾ مختلف راءِ آھي پر جڏهن ڪٿي ڪو حملو ٿيندو آھي ته سڀ پارٽيون ان حملي ۾ ٿيل نقصان جي مذمت به ڪنديون آھن. جيئن ته تحريڪ طالبان ۽ انڊيا جي ياري جا قصا به مشهور آھن ڪٿي پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ان ڪري ته ڌمڪي نه ڏني وئي آھي جو هن انڊيا جي وزيراعظم نريندر مودي کي ڪاسائي سڏيو هو؟ بلاول ڀٽو زرداري جي ان بيان کان پوءِ انڊيا ۾ احتجاجي مظاهرا به ڪيا ويا. هاڻي وري تحريڪ طالبان جي ترجمان جي ليٽر پيڊ تي لکيل ڌمڪي جون ڪڙيون ملائڻ جي ضرورت ضرور آھي.

ڪالعدم تحريڪ طالبان پي پي پي ۽ نواز ليگ جي قيادت کي نشانو بڻائڻ جي ڳالھ ڪري ملڪ ۾ هڪ نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو. ٽي ٽي پي کي ڪاوڙ وزير خارجه بلاول ڀٽو زرداري ۽ گهرو وزير رانا ثناءالله جي ڏنل بيانن کان پوء آئي. ٽي ٽي پي جي هاڻوڪين ڪاررواين ۾ تيزي آئي آھي. هن وقت ملڪ ۾ جنهن انداز سان سياسي ڇڪتاڻ هلي پئي ان جي ڀيٽ 2014ع سان ڪجي ته به ڪو حرج ناهي. 2014ع ۾ ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي  ڌرڻي جي ڪري ملڪ ۾ عجيب قسم جي سياسي فضا قائم ٿي وئي هئي  هاڻي به ڏسجي ته ساڳي لقاء لڳو پيو آھي. ان وقت  هڪ چونڊيل حڪومت کي گهر موڪلڻ لاءِ خان صاحب ميدان ۾ نڪري آيو هو ۽ اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي ويهي رهيو. هاڻي وري وقت کان اڳ چونڊن ۽ ٻن صوبن ۾ قائم پنهنجون حڪومتون ختم ڪرڻ جي ڳالھ ڪري ھڪ دفعو ٻيهر ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آھي. پهريان به ملڪي معيشت کي عمران خان جي ڌرڻي سبب ڪاپاري ڌڪ رسيو هو. هاڻي وري اقتدار جي بي دخلي کان پوءِ خان صاحب پاران پيدا ڪيل سياسي بيچيني ملڪي معيشت ۽ امن  امان کي تباهي جي ڪناري تي پهچايو آهي. ڏسجي ته ان سڄي صورتحال جي پويان سڌو يا اڻسڌو خان صاحب جو بيانيو ملوث نظر اچي ٿو. 2014ع ۾ به سياسي حالتون خراب ڪيون ويون هاڻي به سياسي حالتون ساڳئي انداز سان خراب آھن. ان وقت سياسي غيريقيني واري صورتحال هجڻ ڪري ٻاهرين سيڙپڪاري  بند ٿي وئي هئي چين جهڙي دوست ملڪ جي سربراهه پنهنجو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو هو ڪو به ملڪ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لاء تيار نه ھو نه صرف اهو پر ملڪ جي امن  امان جي صورتحال به ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي وئي ڪو اهڙو ڏينهن نه هو جنهن ڏينهن ملڪ ۾ ڪو خودڪش حملو نه ٿيو هجي. هر طرف روڄ راڙو لڳو پيو هوندو هو روڊ رستا بيگناهن جي رت سان رنگيل هئا. شايد ئي ڪو اهڙو شھر يا ضلعو  هو جتي دهشتگردن حملو نه ڪيو  هجي. ملڪ حالت جنگ ۾ هليو ويو. ملڪي سرحدن کان وٺي اسڪول بازارون ۽ عبادتگاهون دهشتگردن جي نشاني تي اچي ويون. ماڻھو پنهنجي پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳا هر طرف خوف جا طبل وڄڻ لڳا موت جو ڀيانڪ رقص ٿيندو رهيو. هڪ طرف سياسي ڇڪتاڻ ته ٻئي طرف دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون هلنديون رهيون ان دوران آرمي پبلڪ اسڪول مٿان ٿيل حملي کان پوءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود دهشتگردن ۽ سندس سهولتڪارن خلاف منظم آپريشن ڪيو ويو نتيجو اهو نڪتو جو ماڻھو آزادي سان مسجدن ۾ نمازون ادا ڪرڻ لڳا ۽  بازارن جون رونقون بحال ٿي ويون. هر طرف سک ۽ آسيس جو جهان جڙي ويو. سيڪيورٽي ادارن جي ڪاررواين وڏن وڏن دهشتگردن کي ملڪ کان ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ۽ سندن سهولتڪار پنهنجي ٻرن ۾ لڪي ويا. وقت جي نزاڪت کي سمجهندي هندوستان تحريڪ طالبان پاڪستان جي دهشتگردن جي هر قسم جي مدد ڪئي. افغاني طالبان آمريڪا سان وڙھندا رهيا ان دوران پاڪستان سان ملندڙ افغانستان جي سرحدي علائقن ۾ موجود ٽي ٽي پي ۽ داعش به انهن جي مدد ڪندي رهي. آھستي آھستي ڪالعدم ٽي ٽي پي پاڪستان جي سرحدي علائقن ۾ پنهنجيون محفوظ آماجگاهون ٺاهڻ شروع ڪيون ۽ سرحد پار کان ويهي پاڪ فوج تي حملا به ڪندي رهي. آمريڪا جي  افغانستان مان  نڪرڻ کان پوءِ ڪالعدم دهشتگرد تنظيم پاڪ فوج مٿان مسلسل حملا ڪندي رهي پاڪستان افغانستان سان احتجاج ته ڪيو پر افغانستان ڪو خاطرخواه جواب نه ڏنو نتيجو اهو نڪتو جو هاڻي ڪالعدم تحريڪ طالبان حڪومت ۾ موجود ٻنهي وڏن پارٽين جي اڳواڻن کي نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي ڏني آھي نه صرف اهو پر عوام کي به هدايت ڪئي وئي آھي ته اهي انهن پارٽين جي جلسن جلوسن کان پري رهن.

 پاڪستان جي فوج دنيا جي ڪنهن به فوج کان گهٽ ناهي پاڪستان جي خفيه ادارن جو شمار دنيا جي وڏن خفيه ادارن ۾ ٿئي ٿو.

ماضي ۾ ليئو پائي ڏسو ته ازل کان وٺي قومن تي ڪو نه ڪو ڏکيو وقت ايندو رهيو آھي.   جڏهن ڏکيو وقت آيو تڏهن حڪمران پنهنجي حڪمت عملي سان ان ڏکئي وقت تي قابو پاتو ۽ قوم صبر ڪري بهتر وقت جو انتظار ڪيو. بدقسمتي سان پاڪستان جو عوام آزادي کان وٺي هيل تائين صرف ڪڙي امتحان ۽ صبر واري مرحلي مان گذري رهي آھي. پاڪستان جو شمار دنيا جي اسرندڙ ملڪن ۾ ٿئي ٿو. هڪ طرف ملڪ ۾ بک بحالي ۽ بدعنواني جان ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي ٻئي طرف بدامني ۽ دھشتگردي وڌندي پئي وڃي ڏسجي ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي؟ قومي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کان پوءِ ڪيل فيصلن تي ڪيئن عمل ٿئي ٿو ؟ اهو اهم سوال آھي جنهن جي جواب طور دهشتگردن جا سر ڪچلڻ جي صورت ۾ قوم عملي طور ڏسڻ چاهي ٿي.

[email protected]