لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) لاڙڪاڻي ۾ پروگريسو رائيٽرز ۽ ٿنڪرس فورم طرفان ليکڪ ۽ تجزيه نگار ڊاڪٽر بخت  جمال شيخ سان گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر بخت جمال چيو ته هن وقت دنيا ليول تي ٽي وڏا بحران پيدا ٿي چڪا آهن، جن ۾ فطرت جي سوڪهڙائپ، ڪووڊ جو بحران ۽ يوڪرين جنگ آھن. هن وڌيڪ چيو ته دنيا ۾ اونچ نيچ انھن سماجي نظامن سان ٻڌل آهي، جنھن اهو بحران پيدا ڪيو آھي جيڪو نفعي ۽ منافعي خوري تي ٻڌل آھي. ڊاڪٽر بخت جمال وڌيڪ چيو ته ملڪ جا اندروني قرض، ٻاهرين قرضن کان تمام گهڻا آھن ۽ ڪيترائي اهڙا ادارا آھن جيڪي ٽيڪس ئي نه ٿاڏين. هن چيو ته موجوده دور ۾ دنيا اندر (ٽين فنانشل عالمي جنگ) جي نالي سان هلي پئي ۽ پوري دنيا هڪ وڏي مالي  بحران ۾ آھي جڏھن ته ملڪ جو حالتون پڻ انتھائي خراب آھن ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي جيڪا پنجاب جي بالادستي ۽ فطري سوڪهڙي سان ٻڌل آھي.ڊاڪٽر بخت جو خيال هيو ته ملڪي سياسي قيادت ۽ ان  پٺيان اصل قوت اسٽيبلشمينٽ پڌري نظر اچي پئي پر اهي سڀ ان ايڏي بحران کي حل ڪرڻ ۾ ٻڏا پيا آھن ۽ پاڻ ويٺا مزا پيا وٺن. نامياري ليکڪ ڊاڪٽر سڪندر مغل ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجي جي ميزباني هيٺ منعقد ٿيل گڏجاڻي ۾ ايڊووڪيٽ ساجد حسين مھيسر، عيسيٰ ميمڻ، رئوف عباسي، ذوالفقار راجپر، پروفيسر ڊاڪٽر ارباب جوڻيجي، زبير احمد شيخ، انجنيئر صائمه راهوجي ۽ مشتاق تنيي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، وسيلن تي قبضا ۽ ڌاري آباديءَ سميت ٻين معاملن تي سوال ڪيا جنھن تي ڊاڪٽر بخت جمال ۽ ڊاڪٽر سڪندر مغل پڻ دانشمنداڻا جواب ڏنا.