دنيا کي ڪپڙا اوڍائيندڙ تهذيب جا پٺيءَ اگهاڙا ماڻهو

0
125
دنيا کي ڪپڙا اوڍائيندڙ تهذيب جا پٺيءَ اگهاڙا ماڻهو

برطانيا اُڻويهين صديءَ دوران مانچسٽرس ۾ ڪاٽن ملز کي وڏي پيماني تي برپا ڪري ڇڏيو. ان ڪري انهن لاءِ ضروري ٿي پيو ته اهي سنڌ ۾ بندرگاه قائم ڪن، ڇو ته کين هندستان مان رڳو هڪڙي ئي بندرگاهه تان ڪچو مال نيئڻو ٿي پيو. جيئن ته هنن جو سنڌ تي اڃان قبضو نه ٿيو هو، ان ڪري هنن اڳ ۾ ئي ميرن کي مختلف معاهدن وسيلي پابند بڻايو ته اهي سندن مرضيءَ موجب وهنوار هلائيندا. نائين نومبر 1820ع تي ميرن سان ٿيل معاهدي ۾ هڪ شق هيءَ به هئي: The Ameers of Sind engage not to permit any European or American to settle in their dominions. “سنڌ جا امير (يعني ٽالپر حڪمران) ڪنهن به آمريڪي يا يورپي کي پنهنجي حدن اندر رهڻ نه ڏيندا.” ان کان اڳ به 1809ع ۾ ٽالپرن جي ڪمزور حڪومت سان 22 آگسٽ تي مير فتح علي خان کان معاهدي تي شق نمبر چار ۾ اهو به لکرائي ورتائون ته: The Government of Sind will not allow the establishment of the tribe of the French in Sind. “سنڌ حڪومت ڪنهن به فرينچ قبيلي کي سنڌ ۾ وسائڻ نه ڏيندي.” ان جو ڪارڻ اهو ته برطانيا ۾ مانچسٽرس ملز ۽ لنڪاشائر ملز سميت برطانيا ۾ ٽيڪسٽائل جا ٻيا ڪارخانا لڳايا ويا هئا. سورهين ۽ سترهين صديءَ تائين جيڪڏهن ڪپڙي ۽ ڪپهه جو واپار ڏسجي ٿو ته اهو آمريڪا ۽ يورپ ۾ هندستان ۽ سنڌ سان سڌي طرح يا ٻين طرفن کان ٿيندي نظر اچي ٿو. خاص ڪري گجرات، پنجاب ۽ سنڌ ان ۾ اهم ڳڻيل آهن، ان ڪري سنڌ ڏانهن پورچوگيزن ۽ ڊچ قومن به اکيون کپايون پر هندستان ۽ سنڌ تي برطانيا 1843ع تائين لڳ ڀڳ قبضو مڪمل ڪري ورتو. سنڌ جي تاريخ ۾ ديبل توڙي شاهبندر اهم رهيا آهن، ان ڪري انگريزن يورپ خاص ڪري برطانيا ڏانهن سامونڊي رستي جي سهولت کي ڏسندي ڪياماڙي يا ايئن کڻي چئجي اڳوڻي ديبل بندر جي ڊگهي حصي مان هڪ حصي ۾ بندر ٺاهيو، ڇو ته اڻويهين صديءَ ۾ مانچسٽرس ملز عروج تي هئي. ظاهر آهي سنڌ ۾ وونئڻن جو فصل دريائي علائقن ۾ ٿي رهيو هو، ان ڪري انهن ۾ هندستان سميت سنڌ ريلويز شروع ڪئي ويئي ۽ اڳتي هلي بيراج به اڏيائون، ڇو ته هت ٿيندڙ ڪپهه پهرين درجي واري معيار تي پوري لهندڙ هئي. بيراج اپت وڌائڻ, ريل بندرگاهه تائين مال پهچائڻ ۽ بندرگاهه تان سامونڊي ٻيڙن وسيلي ڪپهه سميت ٻيو زرعي وکر برطانيا موڪلڻ جو بندوبست ڪيو ويو. پر سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جي ٽيڪسٽائل واري صنعت وڏي پيماني تي برپا نه ڪئي وئي وئي، رڳو ڪپهه خريداري جا دلال يا وري عام واپاري پيدا ڪيا ويا. نتيجو اهو نڪتو ته آمريڪا توڙي دنيا جا ٻيا ملڪ جيڪي هندستان ۽ سنڌ مان ڪپهه توڙي ڪپڙو گهرائيندا هئا، انهن اهو سڌو برطانيا کان وٺڻ شروع ڪيو، ڇو ته بيٺڪيتي راڄ وارا سٺي معيار واري سموري ڪپهه انگلستان ۾ آڻيندا هئا. ان حوالي سان تاريخي معيشت جي ماهر GIORGIO RIELLO پنهنجي هڪ مقالي THE GLOBALIZATION OF COTTON TEXTILES Indian Cottons, Europe, and the Atlantic World, 1600-1850  ۾ وڏا تفصيل ڏنا آهن ته برطانيا هندستان مان ڪپهه ڪيترا ڪروڙين ٽن کڻي ويندي رهي آهي ۽ ان مان برطانيا جي ڪيتري معيشت ۽ سماجي ترقي اوج ماڻي وئي. هن جي هڪ مثال موجب 1820ع ۾ رڳو ليٽن آمريڪا برطانيا کان ڇهه ڪروڙ گز لٽو خريد ڪيو ۽ 1840ع تائين ڪپڙي جي اها خريداري 27 ڪروڙ 90 لک گزن تائين پهتي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪراچي واري بندرگاهه تي جيڪو اڏاوتي خرچ آيو، اهو سمورو پيسو سنڌ جو هو. اهي تفصيل به موجود آھن. GIORGIO RIELLO پنهنجي کوجنا جي نتيجي ۾ لکيو آهي ته By the third decade of the nineteenth century, Europe had become the undisputed global producer of cotton textiles. It had also replaced India as the leading exporter of this fabric after a period of more than five centuries.

“اڻويهين صديءَ جي ٽين ڏهاڪي تائين يورپ بنا ڪنهن شڪ جي دنيا جو وڏي ۾ وڏو اپت ڏيندڙ خطو بڻجي ويو. نه رڳو اهو پر پنجن صدين کان ڪپڙي جي صنعت ۾ پرڏيهه ڏانهن واپار جي مهندار هندستان جي جاءِ تي اچي ويو.” ياد رهي ته ٻاهر جا تاريخدان پراڻين تاريخن ۾ سنڌ کي به هندستان جو حصو سمجهندي ان کي به مجموعي طور هندستان ڳڻائيندا آهن. هن جي هڪ ٻئي مضمون ۾ به چوڻ آهي ته هندستان ۾ سنڌو ڪناري 32 سئو قبلِ مسيح ڪپهه جي اپت ٿيندي هئي، يعني اڄ کان  پنج هزار ٻه سئو سال اڳ. سمورن دستاويزن مان به اهو معلوم ٿئي ٿو ته انگريزن جي وقت ۾ سنڌ ڪپهه ۾ گجرات ۽ پنجاب سميت سٺي اپت ڏيندڙ هئي. انگريز عملدارن اي برنس ۽ ليچ جو رپورٽون ٻڌائين ٿيون ته برطانيا ۾ ٽيڪسٽائل ملن جي برپا ٿيڻ سبب سنڌ جي گربي، سوسي، ريشمي ۽ ٻئي ڪپڙي جي واپار ۾ وڏي لاٿ اچي وئي ۽ برطانيا مان پنجاب ۽ سنڌ جي ڪپهه جو ڪپڙو هتي ٺهندڙ ڪپڙي جي ڀيٽ ۾ سستو وڪرو ٿيڻ لڳو، ڇو ته هتي نه جديد ڪاٽن ۽ ٽيڪسٽائل ملون هيون ۽ نه ٽيڪنالاجي، روايتي صنعتي انداز هو. ان سلسلي ۾ انگريزن جون رپورٽون ڪامرس-I ۽ ڪامرسIII، ايس.پي.ايل. واليوم 90، پي. 19 ڏسي سگهجن ٿيون، جيڪي سنڌ آرڪائيو ۾ پيل آهن ۽ اتي رکيل انگريزن جي بجيٽ بُڪ توڙي ڪامرس رپورٽن جا رڪارڊ گهڻو ڪجهه ٻڌائين ٿا. ان جي ننڍڙي ڊيٽا هت شيئر ڪجي ٿي ته جڏهن اهڙو هتان ويندڙ ڪچو مال، ڪپهه ۽ هتان ايندڙ ڪپڙو يا ٻيو تيار مال اچڻ لڳو ته ڪراچي بندر برطانيا کي ٻه ڪروڙ 16 لک پائونڊ رڳو هڪ سال ۾ ڪمائي ڏنا ۽ ساڳي ريت 1850ع کان 1860ع تائين کين روينيو اوڳاڙين جي مد ۾  ارڙهن لک پائونڊ مليا، جيڪا ان وقت جي حساب سان انتهائي گهڻي رقم آهي. انگريزن سنڌ ۾ واپاري ذهينت جي واڌاري تي زور ڏنو ۽ ڪپهه ۽ ڪپڙي جا ڪارخانا برپا ڪرڻ تي ڌيان نه ڏنو، ان جو سبب هتان جو سماجي تاڃي پيٽو ڄاڻايو ويو، ڇو ته ڪلهوڙن جي دور ۾ هڪ اهڙو لڳايل ڪارخانو سندن ناڪام تجربي ۾ شامل هو.

سنڌ تي قبضي لاءِ به انگريزن هڪ وڏو دفاعي بيانيو قائم ڪيو ۽ سياسي حڪمت عملي تحت سنڌ کي گريٽ گيم ۾ شامل ڪيو، ۽ چيو ويو ته هن پاسي کان سنڌو درياءَ هندستان تي روسي بادشاه جي حملي کان بچائڻ لاءِ پهرين دفاعي لائين هوندو. ايئن سنڌ جي جاگرافيائي اهميت ظاهر ٿي. جڏهن ته هندستان ۾ بيٺڪيتي راڄ دوران اهو چٽو ٿي چڪو هو ته سنڌ علائقائي واپار ۾ هن پاسي سڀ کان گهڻي اهم آهي، ڇو ته شڪارپور جي واپارين جون ڪوٺيون وچ ايشيا تائين هيون ۽ روسي بادشاهه زار پاران انهن جو ذڪر ٻڌي برطانوي پريشان هئا ۽ کين ان بنياد تي سنڌو دريا جو معيشت توڙي دفاعي حوالي سان بيانيو بڻائي برطانيا جي عوام کي مطمئن ڪرڻو پيو. ان لاءِ هو هوريان هوريان سنڌ ۾ واپارين جي شڪل ۾ داخل ٿيا، ٽالپرن جي خراب حڪمراني مان فائدو وٺي معاهدا مڙهيائون ۽ آخر ۾ حملو ڪري سنڌ کسيائون، ڇو ته هنن کي پنهنجي ملڪ ۾ آيل “صنعتي انقلاب” لاءِ ڪچو مال کپندو هو. سنڌو دريا ۾ جهازراني مان پنهنجي سهولتڪارن کي ڀرپور فائدو ڏنائون. سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حڪمراني کان ٽالپرن جي حڪمراني تائين لڳ ڀڳ هڙيئي حڪمران ڪمزور ترين ۽ مغلن توڙي پٺاڻن جا تابع حڪمران هئا. انهن جا ڏن- ڀرو هئا. ان ڪري جڏهن انگريزن به سنڌ تي ڪاهه ڪري خونريزي وسيلي قبضو ڪيو ته وونئڻ اپائي ڪپهه پيدا ڪندڙ قوم ساڳي ريت پاڻ پٺن اگهاڙي رهي ۽ دنيا کي ڪپڙا اوڍائيندي رهي ۽ اڄ به سنڌ جون ساڳي ريت اگهاڙيون پٺيون ۽ هراسيل هرڻيءَ جهڙيون اکيون آهن.