دنيا هاڻي به اسان کي تسليم نه ڪيو ته خطرناڪ نتيجا نڪرندا: طالبان

0
307
مختلف شعبن ۾ عورتن

ڪراچي(م ڊ) افغانستان جي نائب سڌ سماءُ واري وزير ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته جيڪڏهن امارت اسلامي افغانستان کي تسليم نه ڪيو ويو ته نقصان اسان کي به ٿيندو ۽ دنيا کي به ٿيندو.

پاڪستان جي نجي چينل سان ڳالهائيندي ذبيح الله مجاهد چيو ته دنيا امارت اسلامي افغانستان کي تسليم ڪري، هي افغانين جو حق آهي، دنيا اسان کي هاڻي به تسليم نه ڪيو ته ان جو نتيجو خطرناڪ ۽ سٺو نه هوندو.

هن چيو آهي ته آمريڪا افغان سرزمين مان دهشتگردي جي بابت ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي، افغانستان جي سرزمين ڪنهن به ملڪ جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، افغانستان جي سرزمين تي اسان جو ڪنٽرول آهي ۽ گزرندي ڏينهن ۾ مضبوطي اچي رهي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته القاعده سوڌو ٻيا دهشتگرد گروپس افغانستان ۾ ناهن، جابلو علائقن ۾ جيڪڏهن ڪوئي آهي ته ان کي روڪينداسين، ڪوئي غير ملڪي دهشتگرد افغانسان ۾ موجود ناهي، اهڙا اطلاع غلط آهن.

عورتن جي حقن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ايئرپورٽ، تعليم ۽ صحت سوڌو ٻين شعبن ۾ عورتون ڪم تي اچي رهيون آهن، ان کان علاوه يونيورسٽيز بند آهن اهي به جلد کلي وينديون، طالبان ۾ ڪي به اختلاف نه آهن ملا برادر جي وڊيو جاري ٿي چڪي آهي.