اسلام آباد (م ڊ ) وزيراعظم شهباز شريف فٽبال ورلڊ ڪپ جي ميزباني تي قطر کي مبارڪون پيش ڪيون آهن. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ عوام طرفان فٽبال ورلڊ ڪپ جي ميزباني تي قطر جي امير کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيان ٿو، ورلڊ ڪپ دوران دنيا قطر جي تاريخ، ثقافت ۽ مهمان نوازي جو بهترين تجربو ڪندي.