دنيا جي مهانگي افطاري: هڪ روزيدار جو خرچ ساڍا 47 لک

0
732

ابوظهبي (دلچسپ نيوز) دنيا جي مهانگي افطاري لاءِ انتظام مڪمل ٿي ويا، هڪ روزيدار جو خرچ ساڍا 47 لک رپيا ايندو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب هن وقت رمضان جو ڀلارو مهينو هلندڙ آهي ان مهيني ۾ مسلمان گهرن اندر توڙي ٻاهر سحري ۽ افطاري لاءِ انتطام ڪن ٿا جڏهن ته هر گهر ۾ افطاري لاءِ هڪ کان 5 هزار رپيا خرچ ڪيو وڃي ٿو پر هاڻي دنيا جي انتهائي مهانگي افطاري جا انتطام ڪيا ويا آهن، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گڏيل عرب امارتن جي هڪ هوائي ڪمپني پاران روزيدار لاءِ جهاز ۾ افطار جو بندوبست ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ هڪ روزيدار جي افطار تي ساڍا 47 لک رپيا خرچ ايندو. رپورٽ موجب روزيدار کي جهاز ۾ 90 منٽن تائين اڏام لاءِ ساڍا 27 لک رپيا ادا ڪرڻا پوندا، ڪمپني پاران اڏام دوران جهاز ۾ روزو کولرائڻ لاءِ وڌيڪ 20 لک رپيا مقرر ڪيا ويا آهن. روزيدار کي افطاري ۾ جوس، رول، فروٽ ۽ ٻيون شيون پيش ڪيون وينديون.