نيويارڪ (دلچسپ نيوز) دنيا جي مختصر ترين طبي چپ تيار ٿي وئي جلد ئي وڪري لاءِ مارڪيٽ ۾ پيش ڪئي ويندي، ڪولمبيا يونيورسٽي جي ماهرن دنيا جي مختصر ترين طبي چپ ٺاهي آهي، جنهن کي عام سوئي ۾ رکي جسم ۾ لاهي سگهجي ٿو، بدن اندر وڃي هي گرمي پڌ، آڪسيجن جي سطح ۽ ٻيون اهم شيون نوٽ ڪري سگهي ٿي. ان ۾ ”نيورل ڊسٽ“ نالي جديد سينسر شامل ڪري اعصابي سگنل معلوم ڪري سگهجن ٿا.جڏهن ته ان چپ جي جسامت 0.1 مڪعب ملي ميٽر آهي، ان کي صرف خوردبيني سان ڏسي سگهجي ٿو. دنيا جي اها جديد مختصر ترين چپ جلد ئي مارڪيٽ ۾ عام وڪري لاءِ پيش ڪئي ويندي.