لنڊن(انٽريسٽنگ نيوز) ويسٽ منسٽر ايبي اهو ئي گرجا گهر آهي جتي برطانيا جي ملڪا ايلزبٿ ٻي جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون. ان گرجا گهر ۾ دنيا جي پڄاڻي جي حوالي سان هڪ دلچسپ اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ويسٽ منسٽر ايبي ۾ هڪ قديمي فرش آهي جنهن تي ٽي لکتون اڪريل آهن جن ۾ دنيا جي پڄاڻي جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. پٿر جي ٽڪرن ۽ رنگ به رنگي شيشن سان ٺهيل جيوميٽريڪل طرز جي ان فرش کي ڪوسماٽي فرش چيو ويندو آهي جيڪو پراسرار طور تي اشارو ڏئي ٿو ته هيءَ دنيا اڻويهه هزار ڇهه سئو ٽياسي سالن تائين قائم رهندي. اهو پيغام جيڪو اڳ ۾ عام نظرن کان لڪل هو، تازو ئي ايبي ۾ صفائي ۽ ان جي بحالي جي منصوبي دوران واضح ٿيو آهي. ايبي جو اهو پراسرار فرش، برطانيا جي قدم ترين ڪرسي ۽ تاجپوشي واري ڪرسي جي ڪري مشهور آهي، ان کي ان وقت وڌيڪ اهميت ملي جڏهن ان عمارت جو ڳاڻاٽو اڻويهه سئو ستاسي ۾ يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثي طور ڪيو. ان کانسواءِ ان تاريخي گرجا گهر کي ويسٽ منسٽر ايبي انگلش گوٿڪ آرٽ جي بهترين نموني طور به داخل ڪيو ويو آهي.