سوئٽزرلينڊ (انٽرسٽنگ نيوز) اوهان مختلف ڊيزائن ۽ سائيز جا ڪيڪ ڏٺا هوندا پر سوئٽزرلينڊ جي هڪ ماهر بيڪري دنيا جو سڀ کان وڏو ڪيڪ ڊريس ٺاهي گنيز ورلڊ رڪارڊ ۾ پنهنجو نالو داخل ڪرائي ڇڏيو. گنيز ورلڊ رڪارڊ طرفان سوئٽزرلينڊ جي ماهر بيڪر نتاشا جي ان ٽيلنٽ جي وڊيو پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي به شيئر ڪئي وئي آهي. گنيز ورلڊ رڪارڊ موجب بيڪر طرفان ان ڪيڪ ڊريس کي سوئس ورلڊ ويڊنگ فيئر شريڪ ٿيندڙ اڳيان تيار ڪيو ويو آهي ۽ ان جو وزن 131.15 ڪلو آهي.  گنيز ورلڊ رڪارڊ موجب اها ڪيڪ ڊريس تهه جي شڪل ۾ تيار ڪئي وئي هئي ۽ ان جي سجاوٽ به موقعي جي مناسبت سان ڪئي وئي هئي جنهن ۾ آئسنگ فلاورز به شامل آهن. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته نمائش ۾ شريڪ ٿيندڙ ان ڪيڪ کي کائي به رهيا آهن.