ٽوڪيو(انٽريسٽنگ نيوز) ڪيڙن ماڪوڙن جي جاپاني ماهرن اوڪيناوا ۽ تائيوان جي جهنگ ۾ وڏي سوپيري جو نئون قسم دريافت ڪيو آهي جيڪو پاڻي کانسواءِ خشڪي تي به رهي سگهي ٿو. ان سئوپيري جو شماري جل ٿيلون قسم جي جانورن ۾ ٿيندو آهي جيڪا ٽوڪيو ۽ هوسي يونيورسٽي جي ماهرن دريافت ڪئي آهي ان جو سائنسي نالو scolopendra alcyona آهي جنهن مان ظاهر آهي ته ان جو شمار وڏين سئوپيرين ۾ ٿئي ٿو. گذريل 143 سالن ۾ جاپان مان مليل اها پهرين سئوپيري آهي جنهن جي ڊيگهه 200 ملي ميٽر ۽ ٿولهه 20 ملي ميٽر آهي، جيڪا رايوڪو ٻيٽن جي جهنگ مان ملي.