دنيا جي خوبصورت ترين اداڪارا لاڏاڻو ڪري وئي

0
347
دنيا جي خوبصورت

اٽلي (شوبز نيوز) اٽلي جي مشهور اداڪارا جينا لولو بريجيڊا 95 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب جينا لولو بريجيڊا 50 ۽ 60 واري ڏهاڪي ۾ يورپي سينما جي مشهور ترين ستارن ۾ ڳڻي ويندي هئي

Gina Lollobrigida

هن جي وفات جو اطلاع هن جي پڙپوٽي فرانچسڪو لولو بريجيڊا ڏنو جيڪو هنن ڏينهن ۾ اٽلي جو زراعت جو وزير آهي. جينا لولوبريجيڊا کي دنيا جي خوبصورت ترين عورت به چيو ويندو هو، هوءَ 60 جي ڏهاڪي کانپوءِ سياست ۽ فوٽو گرافي ۾ مصروف رهي

Gina Lollobrigida attends the "Lines Of Wellington" Premiere during The 69th Venice Film Festival at the Palazzo del Cinema on September 4, 2012 in Venice, Italy.

هن پوئين سال سينٽ جي سيٽ لاءِ چونڊن ۾ حصو به ورتو جنهن ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي. جينا لولوبريجيڊا جي مشهور فلمن ۾ بيٽ دي ڊيول، ڪروسڊ سورڊ ۽ ٻيون فلمون شامل آهن