ڪليولينڊ(انٽرسٽنگ نيوز) مريضن جو علاج جاري رکندڙ دنيا جي ٻڍڙي ترين ڊاڪٽر هئڻ جو گنيز عالمي رڪارڊ رکندڙ آمريڪي ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته مان في الحال رٽائرمينٽ جو ڪوبه ارادو نٿو رکان. ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي رياست اوهائيو جي شهر ڪليولينڊ سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر هاورڊ ٽڪر کي 2021ع ۾ ميدان عمل ۾ موجود سڀ کان ٻڍڙو ترين ڊاڪٽر جي سند ڏني وئي هئي. ان وقت اهو 98 سال ۽ 231 ڏينهن جو هو. هاورڊ ٽڪر، جيڪو هاڻي 100 سالن جو آهي، سندس چوڻ آهي ته مان پنهنجي مڪل وقت ۾ ڪم جاري رکندس. هن جي ڪم جو وقت صبح 9 وڳي کان شام 6 وڳي تائين آهي. هن جو چوڻ آهي ته جولاءِ ۾ هن جي 100 هين سالگره کانپوءِ اهو ڪووڊ-19 ۾ مبتلا ٿي ويو هو پر هن زوم ذريعي پنهنجو ڪم جاري رکيو.گنيز ورلڊ رڪارڊ سان ڳالهائيندي هن چيو ته مان گنيز ورلڊ ريڪارڊز جي خطاب کي پنهنجي ڊگهي، مطمئن ۽ خوشگوار زندگي ۾ هڪ ڪاميابي طور تي ڏسندو آهيان.