ممبئي (شوبز  نيوز) دنيا جو سڀ کان ننڍي قد واري ڳائڻي عبدو روزق کي سلمان خان جي فلم ۾ ڪاسٽ ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب ننڍو قد پر وڏي انگ ۾ مداحن جي دلين تي راڄ ڪندڙ تاجڪ ڳائڻي عبدو روزق سوشل ميڊيا تي ڪافي مشهور آهي پر هاڻي هن کي بالي ووڊ جي سلو ميان جي نئين فلم ۾ رول به ملي ويو آهي. 3 فوٽ قد ۽ سريلي آواز جو جادو جاڳائيندڙ عبدو روزق کي ويجهڙ ۾ ئي سلمان خان جي نئين فلم “ڪڀي عيد ڪڀي ديوالي” لاءِ ڪاسٽ ڪيو ويو آهي.