دنيا تي ڇانيل سنڌي واپاري … شاهد خاصخيلي

0
104

 دنيا ۾ ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ جي حوالي سان سنڌي واپارين جي ھڪ الڳ شاندار تاريخ رھي آھي. ان جي تاريخي دور جي پڄاڻي ان وقت ٿي جڏھن پاڪستان ٺھيو ۽ ھٿ وٺي سنڌ اندر مذھبي وڳوڙ ڪرائي انھن واپارين کي ھتان لڏايو ويو.  سنڌ ۾ واپار جي تاريخ کي سھيڙڻ جي حوالي سان ڪو گھڻو ڪم ناھي ٿيو. انڊيا جي واپارين ۽ قومپرست سياست تي گھڻ پاسائون ڪم ڪندڙ فرانس جي نيشنل سينٽر فار سائنٽيفڪ ريسرچ جي ڊائريڪٽر ڪلاڊ مارڪووٽس ان ڏس ۾ تحقيق ڪري “Global World of indian marchant 1750-1947 Traders of Sindh from Bukhara to Panama n نالي ڪتاب لکيو آھي، جنھن جو سنڌي ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب “سنڌي واپاري” جي نالي سان مارڪيٽ ۾ موجود آھي، جنھن کي پڙھي معلوم ٿئي ٿو تھ دنيا جي ڪھڙن ڪھڙن ملڪن ۾ سنڌي واپارين جا ڪاروبار ھلندڙ ھئا ؟ مختلف ملڪن ۾ انھن واپارين جو ڪيترو تعداد ھو؟ سندن ڪھڙيون ڪھڙيون واپاري تنظيمون ھيون؟ حيدرآباد، سکر، شڪارپور ۽ سنڌ جي ٻين علائقن سان تعلق رکندڙ انھن واپارين جا ان وقت جا ھول سيل جا شاپنگ مالز اڄ ڪراچي جي سموري ايم اي جناح روڊ جي ٻنھي پاسي ڏسي سگھجن ٿا. اھڙين عمارتن مان گھڻن تان ته اھي نالن واريون پٽيون ھٽايون ويون آھن پر ڪٿي ڪٿي نالن جا نشان اڄ به موجود آھن. ڪاش سنڌ ۾ وري ڪو اھڙو سونھري دور موٽي اچي جنھن ۾ سنڌ جي واپارين جي ھڪ ھٽي ڇانيل ھجي.  (فيس بوڪ تان ورتل)