دنانير جي ”سلامِ عاجزانه “ پڙهندي وڊيو مشهور ٿي وئي

0
364

ڪراچي (شوبز نيوز) پاوري گرل وڊيو سان شهرت ماڻيندڙ دنانير مبين جي سلام عاجزانه پڙهندي وڊيو به سوشل ميڊيا تي مقبول ٿي وئي، انسٽا گرام تي دنانير مبين جي طرفان حال ئي ۾ هڪ وڊيل شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ هو عاطف اسلم جو نئون ڪلام سلام عاجزاه (مصطفيٰ جان رحمت پي لاکون سلام ) پڙهي رهي آهي، دنانير پنهنجي پوسٽ ۾ عاطف اسلم کي به ٽيگ ڪيو ۽ ڪيپشن ۾ لکيو ته مان هڪ طويل عرصي سان هي خوبصورت ڪلام ڳائڻ جو سوچي رهي هئس ۽ آخر ڪار مان ڳائي ورتو.