نئون دمبالو (ن پ ا)نئون دمبالو ۾ چوري جا پيرا کڻڻ لاءِ گھرايل ڪتا ڀاڳين جي ڪنڌ ۾ پئجي ويا. ڳوٺ ميوو  ڀرڳڙي ۾ امام بخش ڀرڳڙي جي زرعي زمين ۾ بيٺل انبن جي باغ ۾ نامعلوم چورن پاران انبن جا وڻ وڍڻ واري مامري تي متاثر آبادگار امام بخش ڀرڳڙي پاران چورن جي ڳولا لاءِ حيدر آباد مان 26هزار في ڀري پيري ڪتا گھرايا ويا جن کي سر زمين تي لڳل پيرن جي مٽي سونگهائي وئي ان بعد کوجي ڪتو مختلف جاين کان ٿيندو ڳوٺ ٻاهران ڀاڳين جي دڪان تي پيل کٽ هيٺان ويهي رهيو، جتي ڀاڳيو پاڻ سمهندو هو. اهڙي طرح کوجي ڪتو ڀاڳين جي ڪنڌ ۾ پئجي ويو. ان کان اڳ امام بخش ڀرڳڙي علائقي جي معزز برادرين تي وڻ وڍڻ جاالزام هڻي رهيو هو جيڪي بي بنيادثابت ٿيا.