اسلام آباد(بيورو رورٽ) پي اي سي جي سب  ڪاميٽيءَ جو مشاھد حسين سيد جي صدارت ھيٺ اجلاس ٿيو، وزارت دفاع جي درخواست تي اِن ڪئمرا اجلاس ڪيو ويو. ڪاميٽي جي ميمبرن شاھدا اختر علي، وجيهه قمر، وزارت دفاع ۽ آڊٽ اختيارين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ڪاميٽي وزارت دفاع متعلق سال 18-2017 ۽ 19-2018 جي آڊٽ تي اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. ڪنوينر ڪاميٽي مشاھد حسين سيد چيو ته وزارت دفاع طرفان اجلاس اِن ڪئمرا ڪرڻ جي درخواست ملي آھي تنھن ڪري اھڙي درخواست تي اجلاس اِن ڪئمرا ڪيو ويو آھي.