اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ٻيهر نون شرطن تي ڳالهيون ڪيون  وڃن، آءِ ايم ايف کان ڊڪٽيشن نه وٺنداسين،2018ع ۾ٿيل آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدو پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو وڃي، اهڙو قانون ٺاهيو وڃي جنهن ذريعي عالمي معاهدن جي منظوري پارليامينٽ کان ورتي وڃي، هن چيو ته حڪومت اسٽيٽ بينڪ ايڪٽ ۾ منظور ٿيل اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ ترميمي بل واپس وٺي، اسٽيٽ بينڪ سان گڏ هڪ وفاقي اڪائونٽ ٺاهڻ وارو قانون به واپس ورتو وڃي، ان جو مقصد قومي سلامتي جي مامرن تي عالمي سامراج جي نظر رکڻ آهي، رضا رباني چيو ته دفاعي بجيٽ پارليامينٽ ۾ زير غور نه ٿي اچي، پارلياماني ڪاميٽي دفاعي بجيٽ کي ڏسي، پارلياماني نگراني لاءِ پارليامينٽ جي انٽيليجنس ڪاميٽي قائم ڪئي وڃي، ٽريڊ يونينن جي سرگرمين کي بحال ڪيو وڃي، حڪومتي ملازمن جي ڇانٽي تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي. هن چيو ته روس کان تيل جي ڳالهه ٿي رهي آهي، روس سان تيل فراهمي جو ڪو معاهدو نه هو، پاڪستان ۾ اهڙي ريفائنري به ناهي جيڪا روسي تيل کي ريفائن ڪري سگهي.