ڪراچي: پي ٽي آءِ جي دعا ڀٽو کي سندس موبائل فون واپس ڏنو ويو. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي  خرم شير زمان پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر   ريحانه لغاري چيو ته مونکي خبر آهي ته اوهان ڇا چوڻ چاهيو ٿا؟  مون اپوزيشن ۽ حڪومت کي ڪوٺائي  سمجهاڻي ڏني ته هائوس ۾ موبائل فون استعمال ٿيڻ ئي نه گهرجي.  ايوان ۾ اهڙيون حرڪتون ٿينديون ته مون کي مجبور ٿي حڪم ڏيڻو پوندو ته سيڪريٽري ميمبرن جا فون جمع ڪري. هن چيو ته سيڪريٽري ايوان مان مليل فون منهنجي حوالي ڪيو ، جيڪو مون ايم پي اي دعا کي واپس ڪيو آهي. جنهن تي خرم شير زمان چيو ته دعا سان بدسلوڪي تي معذرت ڪئي وڃي،  جنهن جي موٽ ۾  پ پ جي مڪيش چاولا چيو ته اسان جي قيادت لاءِ غلط لفظ استعمال ڪيا ويا، اهي حرڪتون ناقابل برداشت آھن، ارسلان تاج اڳرائي ڪندي ڪلثوم چانڊيو مٿان هٿ کنيو، جنهن تي اپوزيشن ايوان ۾ گوڙ ڪيو، اپوزيشن جي گوڙ دوران اسپيڪر وارننگ ڏني ته اپوزيشن گوڙ جاري رکيو ته اجلاس ملتوي ڪري ڇڏينديس.